سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مختلف کاتن جي امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا

حيدرآباد := سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مختلف کاتن جي امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. ڪميشن پاران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (رڪورٽمينٽ) گريڊ 17 ۽ پرائيويٽ سيڪريٽري گريڊ 15 سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبلڪ پراسيڪيوٽر گريڊ 17 لا ڊپارٽمينٽ ۽ ايگريڪلچر آفيسر گريڊ 17 (ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ونگ) ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ جي عهدن تي ڀرتين لاءِ ورتل پري انٽرويو تحريري امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪيا آهن. ڄاڻايل عهدن جا امتحان آگسٽ 2019ع، جنوري ۽ سيپٽمبر 2019ع ۾ ورتا ويا هئا. ان کانسواءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آپباشي کاتي سنڌ ۾ انجنيئرنگ ڪيڊر جي اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز گريڊ 17 جي ڀرتين لاءِ ورتل امتحان جا نتيجا به پڌرا ڪيا آهن. جيڪي نومبر 2019ع ۾ امتحان ورتا ويا هئا. ڪميشن جي پڌرائي موجب رول نمبر 6004، 6008، 6009، 6013، 6017، 6020، 6022، 6025، 6029، 6031، 6032، 6036، 6051، 6070، 6086، 6090، 6110، 6117، 6118، 6132، 6194، 6215، 6246، 6265، 6296 ۽ 6321 تحت امتحان ڏيندڙ اميدوارن کي تحريري امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنو آهي.