سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي ۾ استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب منعقد

لاڙڪاڻو:  سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي ۾ استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ وڏي وزير جي يونيورسٽيز ائنڊ بورڊز کاتي جي صلاحڪار ۽ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر فتح محمد برفت سميت استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪري قومي ترانو پيش ڪيو ويو جنهن بعد گڏجي ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. پاٽي تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين استاد جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽيبلوز پيش ڪرڻ سان گڏ تقريرون ڪري خوب داد ماڻيو. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي صلاحڪار نثار احمد کهڙو ۽ وائيس چانسلر فتح محمد برفت چيو ته اسان اڄ جيڪو ڪجھ آهيون، پنهنجي استادن جي بدولت ئي آهيون، هڪ استاد سخت محنت ڪري شاگردن کي تعليم ڏيندو آهي ان جي اهميت والدين برابر آهي جيڪي اسان جي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ تعليم ڏين ٿا. هنن چيو ته ترقي يافته ملڪ پنهنجي استادن کي اولين ترجيح ڏيندا آهن، پاڪستان ۾ به استادن جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، استاد ملڪ جي نوجوانن کي بهتر انسان بڻائڻ ۾ سٺو ڪردار ادا ڪندا آهن، استادن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين تي ملڪ جي ترقي ۽ بقا جي اهم ذميواري ٿئي ٿي.