سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 15 جولاءِ کان سمورن تدريسي شعبن ۾ ڪلاس هلائڻ جو فيصلو, شاگردن کي حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت

ڄامشورو :- سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ مختلف شعبن جي سربراهن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اونهاري جون موڪلون ختم ٿيندي ئي 15 جولاءِ کان سمورن تدريسي شعبن ۾ ڪلاس هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ شاگردن کي پنهنجي حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي. اجلاس ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر امير علي ابڙو، سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين ڊاڪٽر زرين عباسي، آرٽس فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ کان سواءِ مختلف شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجن لاڳاپيل ڪلاسن جي ٽائيم ٽيبل بابت پروگريس رپورٽ پيش ڪئي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن شعبن ۾ ڪلاسن جي ٽائيم ٽيبل جو وقت ساڳيو هوندو ۽ ڪلاسن جي ٻاهران ٽائيٽل لڳايا ويندا ته جيئن ٻاهران ئي خبر پئجي سگهي ته ڪهڙي سيمسٽر جو ڪلاس هلي رهيو آهي ۽ ڪهڙو استاد ڪلاس وٺي رهيو آهي.اجلاس ۾ ڪلاس 15 جولاءِ کان هلائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته اهي 15 جولاءِ سومر کان پنهنجن ڪلاسن ۾ هر صورت ۾ حاضر رهن، جڏهن ته استادن کي به پهرئين ڏينهن کان ئي ڪورس شروع ڪرائڻ ۽ شاگردن جي حاضري وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.