سنڌ يونيورسٽي جي گم ٿي ويل شاگردياڻي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪومل ڪالهه صبح ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد واپس هاسٽل نه پهتي، ڪو ڏس پتو به نه پيو ملي، اغوا جو شڪ آهي: پيءُ

ڄامشورو : سنڌ يونيورسٽي جي گم ٿي ويل شاگردياڻي ڪومل جروار جي اغوا جو اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل. لائبريري سائنس شعبي جي پهرئين سال جي شاگردياڻي ڪومل ڌيءُ لياقت جروار پُراسرار نموني گُم ٿي وئي. سيڪيورٽي انچارج جو چوڻ آهي ته ڪومل سومر کان هاسٽل نه آئي آهي، ساڻس رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر موبائيل فون بند هجڻ سبب ساڻس رابطو نه ٿيو آهي. شاگردياڻي ڪومل جو واسطو بدين ضلعي جي ڳوٺ محمد خان جروار سان آهي. ناري جا وارث به سنڌ يونيورسٽي پهتا ۽ انهن انتظاميا آڏو شڪ ظاهر ڪيو ته شاگردياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي. جنهن بعد ڄامشورو ٿاڻي تي شاگردياڻي جي پيءُ لياقت علي جروار جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڪومل مارئي هاسٽل ۾ پنهنجي ڀيڻ فاطمه سان گڏ رهندي هئي، ٻئي ڄڻيون ڪالهه صبح ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ويون هيون، واپسي جي ٽائيم تي ڪومل جو نمبر بند ملي رهيو هو، لاڳيتو ڳولا ڪئي آهي پر سندس ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه پيو ملي، شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي.