سنڌ يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر هٿان شاگردياڻي جي هراسان ٿيڻ جي تصديق

ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر هٿان شاگردياڻي جي هراسان ٿيڻ جي تصديق، محڪماڻي ڪارروائي جي سفارش. ڄامشوري جي ٽنهي يونيورسٽي لاءِ جوڙيل گرلز ريسڪيو سينٽر انچارج شاگردياڻي سوماويه شاهه جي شڪايت تي هراسمينٽ واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ذريعن جي دعويٰ آهي ته رپورٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ممتاز خاصخيلي تي شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو، رپورٽ ۾ سندس خلاف محڪماڻي ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان عبدالواحد پارس هيسباڻي ٻڌايو ته الزام هيٺ آيل استاد معطل آهي، جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي هراسمينٽ سيل پاران به ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جيڪا ٽن ڏينهن اندر مڪمل ٿي ويندي، هن ٻڌايو ته گرلز ريسڪيو سينٽر جي جاچ رپورٽ کي به نظر ۾ رکندي انتظاميه ڪارروائي اڳتي وڌائي ويندي.