سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران فيسن ۾ اوچتو واڌ ڪرڻ عمل خلاف هزارين شاگردن پاران آرٽس فيڪلٽي کان سينٽرل لائيبريري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي

ڄامشورو := سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران فيسن ۾ اوچتو واڌ ڪرڻ عمل خلاف هزارين شاگردن پاران آرٽس فيڪلٽي کان سينٽرل لائيبريري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي.ان موقعي تي شاگردن توڙي شاگردياڻي جو چوڻ هو ته يونيورسٽي انتظاميا فيسز ۾ 6 هزار کان 20 هزارن تائين واڌ ڪري غريب شاگردن لاءِ تعليم جا در بند ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ميرٽ جي فيس ۾ 6 هزار، سيلف جي فيس ۾ 15 هزار ۽ اسپيشل سيلف ۾ 20 هزار تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا سراسر زيادتي آهي، ڇاڪاڻ ته ڏيڊ سال يونيورسٽي بند هئي ۽ ٽرانسپورٽ هلي نه لائيٽ استعمال ٿي، ان جي باوجود فيسن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.هنن مطالبو ڪيو آهي فيسون وڌائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ سڀاڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاهه آمد جي موقعي تي سخت احتجاج ڪيو ويندو