سنڌ يونيورسٽيءَ جي 4 شاگردن جي بغاوت ڪيس ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور: 20-20 هزار رُپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم

ڄامشورو : ڄامشورو جي عدالت بغاوت ڪيس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي چئن شاگردن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج ڪرڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ شاگردن سيشن ڪورٽ ڄامشورو ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي. عدالت ۾ درخواست تي ٻڌڻي دوران 4 شاگرد هالار ياسين، امير شاهه، دانش ۽ انصار ٻرڙو پيش ٿيا.عدالت 20-20 هزار رُپين عيوض شاگردن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.واضح رهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ پاڻي نه ملڻ خلاف شاگردن احتجاج ڪيو هو، جنهن دوران انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي. پوليس وري انتظاميا جي ساٿاري بڻجي 18 کان وڌيڪ شاگردن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هو.