“سنڌ ويزن” نالي ٿنڪ ٽينڪ سنڌ ۾ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ لاءِ سرگرم

حيدرآباد :- رٽائرڊ ڪامورن ۽ ڪجهه ڪاروبارين جي گڏيل تنظيم “سنڌ ويزن” طرفان سنڌ ۾ هڪ نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن ۽ ان سلسلي ۾ پارٽي جي نالي، منشور ۽ پروگرام کي باقاعدي طور شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ڪميٽي به ٺاهي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي وڏو بحث هلندڙ آهي. “سنڌ ويزن” جي روح روان ۽ اڳوڻي سفير علي مردان راهوجي اٽڪل ٽي مهينا اڳ ڄامشوري ۾ پنهنجي هم خيال دوستن ۽ ڪجهه ليکڪن جو اجلاس به سڏايو هو، جنهن ۾ ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو هو ته سنڌ کي هڪ پارٽي جي ضرورت آهي يا ناهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي اڪثر رٽائرڊ بيوروڪريٽن جو خيال آهي ته سنڌ کي هڪ مڊل ڪلاس جي پارٽي جي ضرورت آهي، جيڪا سنڌ ۾ خدمت، تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ عام ماڻهن لاءِ سهولتن پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ کي هڪ متبادل سياسي پليٽ فارم به مهيا ڪري. ياد رهي ته هن گروپ ۾ شامل رٽائرڊ بيوروڪريٽن جي گهڻائي انهن ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪي سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ شاگرد سياست ۾ به سرگرم رهيا آهن. نئين پارٽي ٺاهڻ وارين ڪوششن ۾ علي مردان راهوجي سان گڏ اڳوڻو ڊي سي ڊاڪٽر شفقت عباسي ۽ تعليم جو اڳوڻو آفيسر محبوب شيخ به شامل آهن.