سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ عامر خان ۽ سنڌين جا ٿورا: ليکڪ قاضي آصف

جنھن ڏينھن ڪراچي جي معاملي تي ڪميٽي جون خبرون عام ٿيون تہ ان ئي ڏينھن ايم ڪيو ايم جي عامر خان جي ٽويٽ کي ميڊيا وڏي اھميت ڏني جنھن ۾ ھن چيو ھو تہ ڪراچي جي مسئلي جو حل، نئون صوبو ٺاھڻ ۾ آھي. عامر خان جو ڪو بيان ڪافي عرصي کانپوءِ آيو ھو. اھو بيان مونکي ٻہ ٽي ڏھاڪا سال پوئتي وٺي ويو.

ايم ڪيو ايم الطاف ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جي وچ ۾ وڏو خونريز دنگل جاري ھو. ھڪ ٻئي جا ڪارڪن ۽ ھمدرد اغوا ڪري انھن جي جسمن ۾ ڊرلن جا سوراخ ڪرڻ، جيئري ماڻھون جون اکيون ڪڍڻ، جيئري انسان جي کل لاھڻ، جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ روز جو معمول ھو. ٻنھي ڌرين، خاص ڪري الطاف گروپ جا عقوبت خانن مان انساني رت نہ سڪندي ھئي. ايم ڪيو ايم حقيقي جي اڳواڻن لاءِ جان بچائڻ مسئلو ھو.

انھن ڏينھن ۾ وڏي اردو اخبار ۾ ڪم پئي ڪيو تہ منھنجي سينئر نذير لغاري صاحب پنھنجي آفيس ۾ گھرايو، چيائين ھڪ موسٽ وانٽيڊ خطرناڪ ماڻھو جو انٽرويو ڪرڻو آھي، ٽيپ ريڪارڊر کڻو، آفيس ۾ ڪنھن کي نہ ٻڌائجو. اسان لاءِ گاڏي ھيٺ بيٺي آھي، مان ھلان ٿو ھيٺ توھان بہ اچو.

اسان جي جيپ حسن اسڪوائر کان غريب آباد طرف لڙي، پوءِ مين روڊ ڇڏي سنھين گھٽيون مٽائيندي اڳتي وڌندي وئي ۽ ھڪ سنھي گھٽي جي اڳيان اچي بيھي رھي. اسان جو سونھو، ھيٺ لٿو، اسان کي نہ لھڻ جو اشارو ڪيائين. ٿوري دير کانپوءِ پري کان ھٿ جي اشاري سان ھڪ ٻي گھٽي ۾ اچڻ لاءِ چيو. اسان ڊرائيور ۽ گاڏي ڇڏي پيادل ان گھٽي ۾ وياسين. سونھو اسان کي ھڪ ننڍي گھر ۾ وٺي ويو. ويھ منٽ انتظار ڪرائڻ کانپوءِ اسان کي ھڪ ٻئي سادي ننڍڙي گھر ۾ وٺي ويو. ٿوري دير کانپوءِ ڪلف لڳل سفيد ڪپڙن ۾ ھڪ ھمراھ اسان کي سلام ڪري سامنھن صوفي تي ويٺو. اھو ايم ڪيو ايم حقيقي جو اڳواڻ عامر خان ھو.

عامر خان کي سامنھن ڏسي مونکي پريشاني وٺي وئي جو، سموري ايم ڪيو ايم الطاف ان جي ڳولا ۾ ۽ ڪڍ ھئي. مون سوچيو ان دوران جي ڪجھ ٿيو تہ پاڻ سڀ دڦ ٿي وينداسين.

ابتدائي حال احوال کانپوءِ مون ننڍڙو ٽيپ ريڪارڊر آن ڪيو، انٽرويو شروع ٿيو. اھو انٽرويو، ڪجھ سالن جي روپوشي کانپوءِ واپس ڪراچي اچڻ جو پھريون تفصيلي انٽرويو ھو. بعد ۾ اھو ان اخبار ۾ ڇپيو پر ڪافي ڪاٽ ڪوٽ کانپوءِ تہ جيئن ايم ڪيو ايم الطاف اخبار تي ڏمرجي نہ پئي.

ان انٽرويو ۾ ھڪ سوال ھو تہ توھان ۽ آفاق احمد تي تہ گولي جو آرڊر ھو، توھان ڪراچي کان زندھ ڪيئن نڪري سگھيا ۽ پوءِ ڪيڏانھن ويا، روپوشي جو وقت ڪٿي گذاريو ھو؟

ھن جواب ڏنو ھو تہ ھينئر مان جيڪو زندھ توھان جي سامھون ويٺو آھيان يا آفاق احمد زندھ آھي تہ اھو ڪراچي جي سنڌي ماڻھن جو احسان آھي. اسان کي ڪراچي ۾ ڪٿي جڳھ نہ پئي ملي، پاڇي کان بہ ڀئہ پئي ٿيو، پوءِ اسان ابراھيم حيدري ھليا وياسين. اتي ھڪ سنڌي ڄاڻ سڃاڻ واري وٽ رھياسين. دنيا کي خبر ھئي تہ ڪراچي شھر ۾ ڪھڙي قيامت متي پئي آھي. ھن اسان کي پاڻ وٽ رھايو. اسان کيس گذارش ڪئي تہ ڪنھن بہ طريقي سان اسان کي ڪراچي مان ٻاھر نڪرڻ ۾ مدد ڪريو. ھن مھاڻن جي ھڪ لانچ ۾ اسان کي ويھاريو، جنھن ڊگھي سفر کانپوءِ اسان کي بلوچستان وڃي ڪڍيو. جتان اسان مختلف طريقن سان لاھور ھليا وياسين. سو ڪراچي مان اسان جيڪڏھن زندھ ٻاھر نڪتاسين تہ اھي سنڌين جي ڪري.

ورھين پڄاڻان، سندس سنڌ جي ورھاڱي ۽ ڪراچي کي صوبي ٺاھڻ جو ٽوئٽ پڙھيو تہ منھنجو ذھن تي عامر خان جي اھا ڳالھ ذھن تي تري آئي. احسان فراموشي جي انتھا آھي. جن ماڻھن سندس زندگي بچائي، کين پناھ ڏني، رسڪ کڻي کين ڪراچي کان ٻاھر زندھ نڪرڻ ۾ مدد ڪئي، اڄ انھن جي ڌرتي کي ورھائڻ جون ڳالھيون ڪري تہ اھڙن ماڻھن جي اخلاقي ۽ وفا جي معيار کي ڇا ڪجي؟ ڇا چئجي؟

سنڌ جي ماڻھن ائين ئي 1947 ع کان وٺي انھن ماڻھن جي خدمت ڪئي آھي. پر موٽ ۾ احسان فراموشي، دوکي بازي کانسواءِ ڪجھ ناھي ملڻو، انھن ۾ سڀ جنرل (ر) احسان جھڙا بہ نہ آھن. ۽ سڀ عامر خان جھڙا بہ ناھن پر گھڻائي عامر خان جي سوچ جي آھي اھا وڏي بد نصيبي آھي.

بدنصيبي اھا بہ آھي تہ جيڪا سندن سوچ آھي ان جي پورائي لاءِ جمھوريت اھا جھڙي بہ آھي کين واري ۾ نہ ٿي اچي. ھو جمھوريت ۾ سنڌي ماڻھن سان پنھنجي مخصوص سنڌ ۽ پاڪستان دشمن سوچ رکندي پڄي نہ ٿا سگھن. انڪري انھن جي خوشي ۽ بقا آمريت ۽ پرتشدد ڪارواين ۾ ئي آھي اھا ئي سندس واري ۾ اچي ٿي. اھڙا ماڻھون چاھن ٿا تہ ڪراچي جي معاملي تي سنڌي ماڻھن کي چيڙائي، آپي کان ڪڍي پر تشدد پاسي وٺي اچجي تہ جيئن کين زندھ رھڻ جو جواز ملي پر سنڌي ماڻھن جو اجتماعي شعور ھنن کان ڪئي ڏاڪا اڳتي آھي. ھو سندن اھڙي ڪنھن بہ سازش کي ڪامياب ڪرڻ نہ ڏيندا.

سنڌي ماڻھو فطرت ۾ اھڙو آھي جو وري اھو ئي عامر خان ڪنھن وري مصيبت ۾ ڦاسي ۽ معصومڙي ٿي وري ابراھيم حيدري سر بچاءَ لاءِ وڃي تہ کيس وري پناھ ملندي وري جيئدان ملندو. پر ڪجھ ڪن، سنڌي ماڻھو ڪراچي تان ڪنھن بہ صورت ۾ ھٿ نہ کڻي سگھي ٿو، نہ عامر خان پارن جي اھڙي سازش ڪامياب ٿي سگھي ٿي.