سنڌ سُجاڳي فورم ھفتيوار اسٽڊي سرڪل ” سنڌ جي موجودہ سياسي صورتحال ۽ مذھبي انتھاپسندي“ جي عنوان تي لطيف ساگر ھائوس گلشن لطيف، ڀلال ڪالوني ڪورنگي ڪراچي، سنڌ ۾ ڪيو ويو،

سنڌ سُجاڳي فورم ھفتيوار اسٽڊي سرڪل ” سنڌ جي موجودہ سياسي صورتحال ۽ مذھبي انتھاپسندي“ جي عنوان تي لطيف ساگر ھائوس گلشن لطيف، ڀلال ڪالوني ڪورنگي ڪراچي، سنڌ ۾ ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ جي ذھين ۽ معصوم نياڻي ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جي بيرحماڻي قتل خلاف ۽ سندس ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو پڻ ڪيو ويو.
سڀ کان پھرين ڀيڻ نمرتا جي تصويرن آڏو ميڻ بتيون ٻاري، گل نڇاور ڪري سنڌ جي قومي تراني سان کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
ھن پروگرام ۾ ھيٺين عھديدارن، ميمبرن ۽ ھمدرد دوستن شرڪت ڪئي:
1. گل حسن لاکو: مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري
2. سارنگ جويو: مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري
3. سھڻي جويو: مرڪزي فائنانس سيڪريٽري
4. لطيف ميمڻ: جنرل سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن
5. ياسين جھلڻ: جوائنٽ سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن
6. سنڌو ساگر: فائنانس سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن
7. زاھد کوسو: ميڊيا سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن
8. منصور جمالي: چيف آرگنائيزر ضلعو ڪورنگي
9. رابيل ابڙو: آرگنائيزر ضلعو ڪورنگي
10. شعيب شيخ: آرگنائيز ضلعو ڪورنگي
11. ارجن باگڙي: آرگنائيزر ضلعو ڪراچي اولھ
12. ساگر ڏھراج
13. اشفاق ميمڻ
14. مظفر ميمڻ
15. صداقت شيخ
16. مالڪ سولنگي
17. مجاھد شيخ
18. بشير ڪلادي
19. حاجي غلام محمد ھوت بلوچ
20. نويد مگسي
21. راجا علي سھتو
22. راجا سولنگي
23. محب آدرش مھر
24. ذوالفقار علي
25.گلزار سولنگي
26. امير حسين لاشاري
27. ارشاد جانوري ۽ ٻيا

ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙ سمورن دوستن ڳالھائيندي چيو تہ، ” سنڌ جي موجودہ سياسي صورتحال انتھائي ڳنڀير آھي، ھن وقت سنڌ گھڻ طرفي خطرن جو شڪار آھي. ھي رياست تيزيءَ سان سنڌ جي شعور کي ڪچلڻ لاءِ سانباھا ڪري رھي آھي، جنھن ڪري تيزيءَ سان سنڌي ماڻھن کي سياست کان پري ڪيو پيو وڃي مطلب تہ سنڌي ماڻھن کي ڊي پوليٽيسائيز ڪيو پيو وڃي، جيڪو ھڪ وڏو خطرو آھي سنڌي سماج لاءِ. اسان کي اھو سمجھڻ گھرجي تہ سياست ھڪ سائنس آھي، ھڪ آرٽ آھي، جنھن ذريعي سماج اندر انقلابي لاڙن کي متعارف ڪرائي سماج جي نئين سر جوڙجڪ ڪبي آھي، مطلب تہ انقلاب لاءِ راھ ھموار ڪرڻ کان وٺي سماج جي جوڙجڪ تائين ڪردار سياست جي ذريعي ئي ادا ڪري سگھجي ٿو. ھن وقت سنڌ اندر ھٿ وٺي سنڌ جي سيڪيولر روح کي گھوٽڪي جھڙا واقعا ڪرائي زخمي ڪيو پيو وڃي، ۽ ھٿ وٺي مذھبي انتھاپسندن کي ڇوٽ ڇڏيو ويو آھي، تہ ھو ڪنھن تي بہ ۽ ڪڏھن بہ ڪھڙو الزام ھڻي انھن کي قتل ڪري يا وري انھن جي عباتگاھن کي تاراج ڪري يا وري انھن جي نياڻين کي اغوا ڪري انھن جو جبري مذھب مٽرائي.
اھو سڀ ڪجھ ھي رياست ۽ ان جا ادارا ميان مٺو ۽ سرھندي پير جھڙن پنھنجن واٺن ذريعي سرعام ڪرائين پيا، انھن کيِ جھڙيءَ ريت ھن وقت سنڌ جي ترقي پسند سوچ رکندڙ سياسي سماجي پارٽين ۽ سول سوسائٽيءَ پنھنجي ٻڌيءَ ۽ سيڪيولر سوچ سان جواب ڏنو آھي، اھڙي ريت انھن کي مستقل بنيادن تي مُنھن ڏيڻ لاءِ ڪو ٺوس لائحہ عمل جوڙڻو پوندو. خاص طور تي سنڌ اندر شدت پسندي کي ھٿي ڏيندڙ انھن مدرسن کي بند ڪرائڻ ۽ سنڌ جي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين مُدي خارج نصاب کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي نج سائنسي بُنيادن تي جديد نصاب جوڙڻ لاءِ سياسي بنيادن تي نتيجا خيز جدوجھد ڪرڻي پوندي ۽ ان کان علاوہ سنڌ اندر ڪروڙين ڌارين کي مستقل طور آباد ڪرڻ لاءِ نام نھاد ترقيءَ جي نالي ۾ قائم ٿيندڙ رھائشي اسڪيمن جھڙوڪ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، پاڪ فضائيہ ۽ ٻين خلاف پڻ مستقل بنيادن تي سنجيدہ جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي. اسان سمجھون ٿا تہ ھن وقت سنڌ ۾ جيڪي واقعا رونما ٿي رھيا آھن، خاص طور تي ڊاڪٽر نمرتا، ۽ فضا سولنگي جي قتل، ٿر ۾ معصوم ٻارن جي موت، ڇتي ڪُتي جي چڪيل معصوم ٻارڙي جو پنھنجي امڙ جي ھنج ۾ تڙپي تڙپي ساھ ڏيندڙ واقعا ۽ معاشي تنگيءَ جي ڪري وڌندڙ خودڪشين وارن سمورن واقعن جي ذميوار ھي رياست، انھن جا نااھل حڪمران، فوج ۽ سسٽم آھي، مطلب تہ اھي سمورا مسئلہ قومي غلامي جي ڪري ئي آھن، ان ڪري انھن جو مستقل حل ڪڍڻ لاءِ اسان کي مستقل بنيادن تي مظبوط سياسي جدوجھد ڪرڻي پوندي، تڏھن ئي اسان جي قوم کي اسان نجات ڏياري سگھنداسين. آخر ۾ سنڌ سُجاڳي فورم جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ شهيد ارشاد رانجهاڻي جي ڪيس جي فريادي مسعود شاهه جي رياستي ادارن پاران جبري گُمشدگيءَ جي مذمت ڪندي چيو ته رياستي ادارن پاران سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري ڪُڌي عمل کي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي سمجهون ٿا ۽ عالمي دنيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان گُهر ٿا ڪريون ته کنڀي گُم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن، استادن، شاگردن کي جلد کان جلد آزاد ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.