سنڌ هاءِ ڪورٽ گئس ڪمپنز مان مقامي آبادي کي گئس مهيا نه ٿيڻ تي ٽن اڳوڻن وفاقي سيڪريٽريز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

ڪراچي :- سنڌ هاءِ ڪورٽ گئس ڪمپنز مان مقامي آبادي کي گئس مهيا نه ٿيڻ تي ٽن اڳوڻن وفاقي سيڪريٽريز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. عدالت پيٽرولم سيڪريٽري طرفان پيش ڪيل رپورٽ تي به عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گئس ڪمپنيز مان مقامي آبادي کي گئس فراهم ڪرڻ واري عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت سنڌ ۾ گئس فيلڊز جي آسپاس وارن علائقن کي گئس مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران عدالت پيٽروليم کاتي جي ٽن اڳوڻن وفاقي سيڪريٽريز کي شوڪاز نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. اُنهن ۾ اڳوڻو پيٽروليم سيڪريٽري عابد سعيد، ارشد مرزا ۽ محمد بلال سڪندر شامل آهن. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نوٽيز تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جي ذميواري آهي. ٻڌڻيءَ دوران پيٽروليم سيڪريٽري اسد حياء رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته اڱاري يا اربع تي اي سي سي جو اجلاس آهي، اُڻ ۾ مقامي علائقن کي گئس فراهمي وارو مامرو به شامل آهي. جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهيءَ ۾ 2 رُڪني بئنچ پيٽروليم سيڪريٽري جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ٻڌڻي 16 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي.