سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 40 انساني زندگيون ضايع ٿيڻ وارا معاملي تي نيپرا چيئرمين، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيسز جاري

ڪراچي :- سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 40 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ واري معاملي تي نيپرا چيئرمين، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي اندر تازين برساتن دوران ڪي اليڪٽرڪ جي مبينا غفلت سبب 40 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي. جماعت اسلامي جي حافظ نعيم طرفان ڪي اليڪٽرڪ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. عدالت سيڪريٽري واٽر اينڊ پاور، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته نيپرا چيئرمين کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته برسات دوران ڪي اليڪٽرڪ جي ڪري ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون، پوليس به ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪيس داخل نٿي ڪري. ماڻهو جانورن جيان مري رهيا آهن ۽ ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي نه آهي.عدالت نوٽيسز جاري ڪرڻ بعد ٻڌڻي 17 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.