سنڌ هاءِ ڪورٽ خانه بدوش ڪيفي کي سيل ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو

حيدر آباد :- سنڌ هاءِ ڪورٽ خانه بدوش ڪيفي کي سيل ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ ميوزيم انتظاميا به ڪيفي کي سيل ڪري ڇڏيو. ثقافت کاتي طرفان حيدرآباد ۾ خانه بدوش ڪيفي کي بند ڪرڻ خلاف تاج جويو، ذڪيه اعجاز ملاح، حسين مسرت شاهه ۽ ٻين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي. جنهن ۾ ڊي جي ڪلچر ۽ ڊائريڪٽر سنڌ ميوزيم کي ڌُر بڻائيندي ڪيفي بند ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ خانه بدوش ڪيفي بند ڪرڻ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪندي ڪيفي جي بند ڪيل بجلي ۽ پاڻي جا ڪاٽيل ڪنيڪشن فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻئي پاسي ثقافت کاتي ۽ سنڌ ميوزيم انتظاميا خانه بدوش ڪيفي بند سيل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ميوزيم جي ٽيم پهچي خانه بدوش ڪيفي جي دروازن کي تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪيفي کي سيل ڪيو ويو آهي.