سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدر منزل کي قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ درخواست، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي :- سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدر منزل کي قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ درخواست تي ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سائين جي ايم سيد جي رهائشگاهه حيدر منزل کي قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواستگذار سنڌ جي ثقافت ۽ آرڪائيو کاتي کي ڌُر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته حيدر منزل جي تاريخي حيثيت آهي، انهي رهائشگاهه تي پاڪستان جي حمايت ۾ ۽ انگريز راڄ خلاف تاريخي فيصلا ڪيا ويا. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته تاريخي حيثيت هجڻ ڪري حيدر منزل کي قومي ورثو قرار ڏنو وڃي. عدالت ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪندي آگسٽ مهيني جي ٻئين هفتي ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته ڪراچي ۾ سائين جي ايم سيد جي رهائشگاهه حيدر منزل بلڊرز طرفان خريد ڪرڻ بعد ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. اهڙي عمل خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏيکاريو ويو، جڏهن ته سڄاڻ ڌُرين به اُن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.