سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اضافي فيس اوڳاڙڻ تي نجي اسڪول انتطاميا کي ڇنڊ

ڪراچي :- سنڌ هاءِ ڪورٽ اضافي فيس اوڳاڙڻ تي نجي اسڪول انتطاميا کي ڇنڊ پٽيندي ڊي جي پرائيوٽ اسڪولز کي معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪي اسڪولز غيرقانوني فيس اوڳاڙي رهيا آهن، اُنهن کي بند ڪيو وڃي، اسڪول وارن تعليم کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هل پارڪ ۾ نجي اسڪول دي اي ايم آءِ ۾ وڌيڪ فيس وٺڻ واري معاملي تي ٿي، جنهن دوران عدالت اسڪول انتظاميا کي اضافي فيس اوڳاڙڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ معاملو ڊي جي اسڪولز ڏانهن اُماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو ته ڊائريڪٽر جنرل عدالتي حڪمن کي نظر ۾ رکندي معاملو حل ڪري. جڏهن ته ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز کي نئين فيس رويو ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻارن جي والدن، اسڪول انتظاميا ۽ ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز کي حڪم ڏنو آهي ته 19 مارچ تائين پاڻ ۾ ويهي معاملو حل ڪن. ٻڌڻيءَ دوران عدالت اسڪول انتظاميا کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته اسڪول هلائي رهيا آهيو يا ڪنهن پراپرٽي جو ڪم ڪندا آهيو. ڪڏهن ڪهڙي، ڪڏهن ڪهڙي چارج لڳائي ٿا ڇڏيو. عدالت اسڪول انتظاميا سان مخاطب ٿيندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪڏهن پاڻ به ڪجهه ڪندا ڪريو، يا سڀ ڪجهه ٻارن کان وٺندئو. پاڻي جو گلاس به وڪرو ڪندئو ڇا؟
درخواستگذار ريحان چيو ته هي پاڻي جو گلاس به 5 رُپين ۾ وڪڻندا آهن.
ڊائريڪٽر جنرل اسڪولز عدالت کي آگاهي ڏني ته اهي سموريون چارجز ٽيوشن فيس ۾ هونديون آهن. ٽيوسن فيس کانسواءِ سموريون چارجز غيرقانوني آهن. جيڪڏهن نئين فيس منظوري لاءِ اپلاءِ ڪيو ويندو، تڏهن به سال ۾ رڳو 5 سيڪڙو وڌي سگهي ٿي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ختم ڪريو ۽ بند ڪريو اهڙا اسڪول، جيڪي غيرقانوني چارجز لڳائي فيس اوڳاڙي رهيا آهن. اسڪول وارن تعليم کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. سُپريم ڪورٽ جو واضح حڪم لکيل آهي، پوءِ به توهان ٽيوشن فيس سان گڏ ٻيون فيس ڇو اوڳاڙي رهيا آهيو؟ توهان سُپريم ڪورٽ جي حڪم کي چئلينج ڪري رهيا آهيو. والدين توهان وٽ داخلا ڪرائي ڦاسي ويا آهن.
عدالت نجي اسڪول جي مئنيجر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان اسپورٽس ڊي جي فيس ڇو وٺندا آهيو؟ ايوينٽس جي نالي تي به توهان فيس وٺي رهيا آهيو. فوٽو اسٽيٽ چارجز به ماهوار ورتيون وينديون آهن. اسڪول انتظاميا چيو ته ٻارن لاءِ اسپورٽس ٽيچر رکيو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته پوءِ توهان ٻارن کي انگريز پڙهائيندا آهيو، ڇا اُن جي به الڳ فيس وٺندئو؟