سنڌ مان ڪيترائي نوجوان کنڀي گم ڪيا پيا وڃن، جيڪو انساني حقن جي لتاڙ آهي. جست جو حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد:- جيئي سنڌ تحريڪ پاران کنڀي گم ڪيل عبدالفتاح چنا، ديدار شام، مسعود شاهه ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي انور بڙدي، عمران بڙدي، راجا سنڌي، روشن سنڌي، ساجد سنڌي ۽ ٻين چيو ته جيئي سنڌ تحريڪ جي قائم مقام صدرعبدالفتاح چنا، جسقم اڳواڻ ديدار شام، مسعود شاهه سميت سنڌ مان ڪيترائي نوجوان کڻي گم ڪيا پيا وڃن، جيڪو انساني حقن جي پڻ لتاڙ آهي. هنن چيوته جئي سنڌ تحريڪ جا ڪارڪن پر امن سياسي جدوجهد ڪن ٿا، جن کي کڻي گم ڪرڻ وارو عمل انتهائي افسوس جو جوڳو عمل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته عبدالفتاح چنا، ديدار شام، مسعود شاهه سميت سنڌ مان گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو وڃي.