سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ جسقم (آريسر) گروپ جا مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي:- جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) گروپ جا انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي تي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا. تفصيل موجب حيدرآباد ۾ ڪارڪنن آڪاش نهڙيو، حسن شاهه، امير باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. غوثپور ۾ کنڀي گم ڪيل عبدالقيوم اوڳاھي، مسعود شاھ، شوڪت مرکنڊ، فتح محمد کوسو ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ گبر سنڌي، امان الله ديشي ۽ علي اڪبر جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.ٽنڊي مستي لڳ ڊرٻ ميهر شاھ ۾ جسقم ڪارڪنن حبيب الله اڄڻ، ذوالفقار اڄڻ، شاهد ايوب وقار ۽ ايوب ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. موري ۾ جسقم جي شاھنواز سنڌي، ڀيرومل، جيئي سنڌ محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين ھاشم کوسي، ايس اين پي جي بلاول ڏاھري، جيئي سنڌ تحريڪ جي ابرار مورائي، اشفاق پنھور، مھراڻ لغاري، حفيظ ڪلھوڙو، اڪرم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. وارهه ۾ وقار چولياڻي، صدام ديوان ۽ مريد کھاوڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي وارھ پريس ڪلب پھتي. ميرپور بٺورو ۾ ڪارڪنن جسقم آريسر گروپ جي عبدالغفور چانگ، محمد خان شورو، عبدالڪريم شورو، جسقم جي بابو عثمان ميمڻ، گڊو شاهنواز، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي قادر بخش زنئور، جيئي سنڌ تحريڪ جي امام بخش خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صوفي شاهه عنايت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان پرامن سياسي ڪارڪنن، شاگردن، استادن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي. هنن چيو ته سياسي ڪارڪنن ۽ سياسي سوچ رکندڙ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو عمل انساني حقن جي لتاڙ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن انهن تي ڪنهن ڏوهه جو الزام آهي ته عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.