سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن ۽ محمد ايوب ڪانڌڙو جي آزادي لاء وارثن جو سکر ۾ احتجاجي مظاهرو

سکر (رپورٽ اعجاز منگي):- سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن ۽ محمد ايوب ڪانڌڙو جي آزادي لاء وارثن سميت قومي ڪارڪنن سکر ۾ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ غلام نبي گھا نگھرو, آزاد منگي ,ذوالفقار اڄڻ ,سجاد ڪانڌڙو ,قادر سنڌي,سميت اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ پنهنجي حقن ۽ وسيلن جي ڳالھ ڪرڻ تي جا ادارا ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي کنڀي گم ڪن ٿا اھو ڪٿان جو انصاف آھي سنڌ ۽ بلوچستان مان ھن وقت به ھزارين قومي ڪارڪن ملڪي ادارن وٽ قيد آھن جيڪو ظلم آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته ايوب ڪانڌڙي سميت کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي گهرن ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال آهي, ايوب ڪا نڌڙو کي  28.4.2017 تي ڳوٺ ڪولاب چئنيل کان راڻيپور ڊيوٽي تي اچي رھيو ھو ته ان کي کنڀي گم ڪيو ويو جيڪو ظلم آھي ھنن عالمي ادارن ,انساني حقن, جي تنظيمن کان انصاف جي گھر ڪندي چيو ته محمد ايوب ڪانڌڙو سميت سنڌ بلو چستان مان گم ڪيل سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي