سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ايس ٽي پي جو سعيد آباد ۾ احتجاج

 نيو سعيد آباد:-  سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقو نيوسعيدآبادپاران ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو -ملھارشيدي-جي اڳواڻي ۾ ڌارين جي آبادڪاري،افغانين جي نيڪالي  ۽ حيسڪو سعيدآباد پاران شھرين کي ڳرا بل -ڊڊڪشن ۽ ھٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ ترقي پسند ھائوس کان بينظير چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي  کي ڄام شوڪت ابڙو ملھار شيدي رسول بخش سولنگي، ،نويد ڪاڪا، ستار شيدي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو  تہ سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي آبادڪاري جي ڪري وڏو بار آھي ان ڪري سنڌ حڪومت کي گھرجي تہ ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ھنن  ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌ۾ ڏوھن ۾ اضافوٿيوآھي وفاقي حڪومت جي ناڪاره پاليسين سبب سعيدآبادسميت سنڌ۾ حيسڪو جون بدمستيون وڌي ويون آھن ھڪ طرف ڳرا بل موڪليا پيا وڃن۽ ٻئي طرف 18،18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته لوڊشيڊنگ جوآزارختم ڪري ڌارين  کي فوري طورنيڪالي ڏني وڃي.