سنڌ مان هندو نارين کي اغوا بعد جبري مذهب مٽائڻ کانپوءِ والدين سان ملاقات جي به اجازت نه ٿي ڏني وڃي: اقليتي ميمبر

اسلام آباد :- اقليتن جي زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جي تحفظ لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ اقليتي ميمبرن هندو نارين جي جبري مذهب تبديل ڪرڻ واري مامري تي سخت احتجاج ڪيو آهي، ڪاميٽي جي چيئرمين انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران ڪاميٽي ۾ سنڌ ۾ هندو نارين جي اغوا ۽ جبري مذهب تبديل ڪرڻ تي سنڌ جي اقليتي ميمبرن ڳڻتي جو اظهار ڪندي احتجاج ڪيو، کيئل داس ڪوهستاني جو چوڻ هو ته جبري مذهب تبديل ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سنڌ مان اغوا بعد جبري مذهب مٽائيندڙ هندو نارين کي والدين سان ملاقات جي به اجازت نه ٿي ڏني وڃي، پي ٽي آءِ جي جئي پرڪاش اڪراڻي چيو ته جبري مذهب مٽائڻ بابت قانون سازي ڪرڻ سان گڏ ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، پي ٽي آءِ جي لال چند مالهي جو چوڻ هو ته خوشي سان مذهب مٽائڻ ۽ جبري طور مذهب مٽائڻ بابت وضاحت ٿيڻ گهرجي، سنڌ ۾ جبري مذهب تبديل ڪرائڻ جو مامرو موجود هجڻ ڪري ئي سنڌ اسيمبلي قانون پاس ڪيو آهي، شگفتا جماڻي چيو ته سنڌ اسيمبلي پاران پاس ڪيل اهڙو بل گورنر وٽ پيل آهي، مقامي انتظاميا کي به جبري مذهب تبديل ڪرائڻ واري مامري کي روڪڻ گهرجي، ڊاڪٽر سڪندر منڌري چيو ته سنڌ اسيمبلي پاران منظور ڪيل بل تي گورنر کي صحيح ڪرڻ گهرجي ها، ڪاميٽي جي چيئرمين چيئرمين چيو ته 6 مهينن ۾ سفارشون تيار ڪيون وينديون، جڏهن ته مذهبي مامرن جي وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته وزيراعظم عمران خان جبري مذهب تبديل ڪرڻ جي شڪايتن جي حل لاءِ هي ڪاميٽي جوڙي آهي، اهڙيون شڪايتون سنڌ تائين محدود آهن، باقي صوبن ۾ اهي شڪايتون نه پکڙيون آهن، ڪاميٽي کي ميان مٺو ۽ ٻين جو موقف ٻڌڻ گهرجي، ٻئي طرف ڄاڻايل ڪاميٽي 5 نقاطي ٽي او آرز جوڙي ورتا آهن، جنهن تحت اقليتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ قانونن جو جائزو وٺڻ، مختلف صوبن جي ضلعي انتظاميا، پوليس سان اجلاس ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ بابت موقف وٺڻ، ان حوالي سان انساني حقن جي تنظيمن سان ملاقاتون ڪرڻ، اقليتن کي برابر حق ڏيڻ بابت عالمي قانونن جو جائزو وٺڻ، انهن مامرن تي عوامي ٻڌڻيون ڪرڻ جو مامرو به ٽي او آر ۾ شامل ڪيو ويو آهي.