سنڌ مان قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي کنڀي گم ڪرڻ جي روايت بند ٿيڻ گهرجي: سيد جلال محمود شاهه

ڄامشورو :- سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سربراهه جلال محمود شاهه چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي جنگ ۾ پاڪستان کي اڻڌريو رهڻ گهرجي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي باڊي جو ٽيون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر پير خليل جان سرهندي، ادريس چانڊئي، جڳديش آهوجا، روشن علي ٻرڙي، امير علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جي ايم سيد جي 116 هين سالگرهه تقريب کي آخري شڪل ڏيندي ملڪ جي مختلف سياسي اڳواڻن، اديبن ۽ دانشورن کي سالگرهه تقريب ۾ شرڪت جون دعوتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 31 جنوري تي پروگريسو يوٿ موومينٽ جي تقريب ۾ ملڪ جي مختلف حصن کان آيل نوجوانن کي آجياڻو پڻ ڏنو ويندو.  اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياسي سرگرمين جي بندش ختم ڪري شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ تعليمي ادارن اندر شاگرد يونين جي اليڪشن جو شيڊيول جاري ڪيو وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايس يو پي صدر سيد جلال محمود شاهه چيو ته ايران آمريڪا جنگ ۾ پاڪستان کي اڻڌريو رهڻ گهرجي ۽ پنهنجي ملڪ جي سرزمين ڪنهن به صورت ۾ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو تھ سنڌ مان قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي کنڀي گم ڪرڻ جي روايت بند ٿيڻ گهرجي. سيد جلال محمود شاهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي چڙهائي جي مذمت ڪندي  چيو تھ سمورن کنڀيل قومي ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي.  سندس چوڻ هو تھ 2020 ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڀرپور نموني سان سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندي ۽ ملڪي سطح تي پڻ مختلف سياسي اڳواڻن سان رابطا ڪيا ويندا.