سنڌ مان جبري گم ڪيل ماڻهن جي گهرن ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال جو ذميوار ڪير؟ هڪ ماءٌ جي درد ڪٿا ڪير سمجهندو

آئون شھزادی جوٹیجو جئین ته منھنجی پٽ مرتضيٰ جوٹیجو کي7 مئي 2017 تي رات جو 2بجه تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان گھر تي چڙھائي ڪري کنڀی گم کیو ویو جنھن جو 28 مھینن کان ڪو به پتو نه پئجي سگھیو ته ھو ڪٿی آھي ۽ ڪھڙي حال ۾ آھي اسان کي ڪا به خبر نه پئجی سگھي۰ منھنجي پٽ مُرتضيٰ کي چار نیاٹیون ۽ ھڪ پٽ اٿس۰مرتضيٰ جي کنڀجڻ کان پوء مرتضيٰ جو والد سندس پٽ جي جُدائي برداشت نه ڪندي صدمي ۾ فوت ٿي ویو مرتضيٰ جي کنڀجڻ کان پوء  گھر جا حالات انتھائی خراب ٿي ویا  منھنجی گھر جو ڪمائڻ وارو واحد سھارو مرتضیٰ آھي هيئنر فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ویا آھیون سندس جي ٻارن جي پڙهائي حالات ٺيڪ نه هئڻ ڪري رڪجي وئي، سندس وڏی ڌیءُ سخت بیمار آهي جنھن جو آئون بي سھارا ماءُ علاج به نٿي ڪرائي سگھان مرتضيٰ خود گوڙدن جي بیماري جو مریض آھي آءُ وس وارن کی اپیل ڪيان ٿي ته منھجي پٽ مرتضیٰ جي آزادی لاء آواز اُٿاریو وڃي ۽ ھڪ بی سھارا ماءُ کي جئيڻ جو سھارو موٽائی ڏنو وڃي۰