سنڌ فوڊ اٿارٽي سمورا هوٽل مالڪ، ريسٽورينٽس مالڪ، ملازم ۽ دڪاندار فيس ماسڪ پائين، اُن کانسواءِ وائرس کان بچڻ لاءِ صابڻ ۽ سينيٽائيزر لازمي استعمال ڪن. هدايتون جاري

ڪراچي :- سنڌ فوڊ اٿارٽي ڪورونا وائرس بچڻ لاءِ کائڻ پيئڻ جي حوالي سان احتياطي اپاءَ ۽ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي سائنٽفڪ پينل پاران جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا هوٽل مالڪ، ريسٽورينٽس مالڪ، ملازم ۽ دڪاندار فيس ماسڪ پائين، اُن کانسواءِ وائرس کان بچڻ لاءِ صابڻ ۽ سينيٽائيزر لازمي استعمال ڪن. هدايتنامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا ملازم نزلو، زڪام. کنگهه، ٽائفائيڊ، هيپاٽائٽس وغيره جو شڪار ملازم فوڊ سپروائزر کي اطلاع ڏين، جڏهن ته داخلي دروازن، خوراڪ سان لاڳاپيل ڪائونٽرز ۽ کاڌي جي استعمال ٿيندڙ بورڊز کي هر صورت ۾ جراثيم کان پاڪ ڪيو وڃي، سمورا ملازم جسام سينٽي گريڊ چيڪ ڪرائيندا رهن ۽ ان کي رڪارڊ ۾ رکيو وڃي. بخار، کنگهه ۽ ٻيون علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ فوري سنڌ سرڪار سان رابطو ڪيو وڃي.