سنڌ صوبو دنيا جي بهترين تهذيب جو مرڪز آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سڀني سنڌ واسين کي ايڪتا ڏينهن جون واڌايون

ڪراچي :- سنڌ صوبو دنيا جي بهترين تهذيب جو مرڪز آهي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سڀني سنڌ واسين کي ايڪتا ڏينهن جون واڌايون ڏنيون ويون آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه جاري بيان ۾ چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن پنهنجي ثقافت سان محبت ۽ ٻين جي ثقافت جي احترام جو ڏينهن آهي، سنڌ صوبو دنيا جي بهترين  تهذيب جو مرڪز آهي، اسان کي فخر آهي جو اسان سنڌ ڌرتي تي جنم ورتو آهي، اسان جي سنڌ جي ثقافت تي فخر آهي اچو اڄ جي ڏهاڙي پنهنجي ٻولي ۽ روايت کي اجاگر ڪرڻ جو عهد ڪريون، اسان پنهنجي ثقافت سان تمام گهڻي محبت ڪريون ٿا.