سنڌ صدين کان هڪ آهي ۽ هميشه رهندي، دشمنن جون سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين :صنعان خان قريشي

جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ صدين کان هڪ آهي ۽ هميشه رهندي، دشمنن جون سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏنيون وينديون. جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڌاٻيجي ۽ گهاري پهچي عوام کي17 نومبر تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي.ان موقعي تي هن چيو ته لساني تنظيمن جي اڳواڻن پاران سنڌ کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالھه تي اقتدار ڌڻين جي خاموشي سنڌ دشمني وارو عمل  سمهجن ٿا.هن چيو ته جيستائين سنڌ ڌرتي جا حلالي پٽ آھن تيستائين ڌرتي جو ورھاڱو ڇا پر ڌرتي جو هڪ انچ به ڌارين کي نه ڏيندا.صنعان قريشي چيو ته هو 17 نومبر تي ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي ڌرتي ڌڻي گڏ ڪري سازشون ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته ڌرتي ڌڻي تي سجاڳ ٿي چڪا آھن