سنڌ سڀا پاران گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ 100 ڪلاڪن واري بک هڙتال شروع

حيدرآباد:- سنڌ سڀا  پاران سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ 100 ڪلاڪن جي علامتي بک هڙتال حيدرآباد پريس ڪلب سامهون شروع ڪئي وئي آهي. بک هڙتالي ڪيمپ تي وڪيلن، اديبن، ليکڪن، شاگردن، سماجي اڳواڻن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن انعام عباسي، سڪندر چانڊيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي زمين کائي وئي يا آسمان، ماڻهن کي زبردستي کنڀي گم ڪرڻ آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، سنڌ سميت ملڪ مان هر روز زبردستي ماڻهو کنڀي گم ڪيا پيا وڃن، جيڪا هڪ وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان ماڻهو گم آهن، جن جون مائرون جيئري موت مثل بڻجي ويون آهن، جڏهن ته هر ماڻهو اظهار جي آزادي رکي ٿو، قانون ۾ ايئن نه آهي ته ڪنهن به شهري کي کنڀي ان کي گم ڪري ڇڏجي، جيڪڏهن ڪو ڏوهاري آهي ته کيس ٿاڻي تي پيش نه ٿا ڪيو ته کين ڪورٽ ۾ پيش ڪري انهن جي گرفتاري ظاهري ڪئي وڃي. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن جي مٿان ڪو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪري اتي ڪيس هلايو وڃي