سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي ۽ سندس ساٿين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي

مٽياري:= سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي ۽ سندس ساٿين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي.  انعام عباسي، الله ڏتو ۽ فيض جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد کين مٽياري ٿاڻي تي آئسوليٽ ڪيو ويو. ياد رهي سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي ۽ سندس ساٿين کي اوٻاوڙو مان گرفتار ڪري هالا آندو ويو هئو، جن کي عدالت جيل موڪلن جو حڪم ڏنو هيو. جيل انتظاميا  جيل ۾ رکڻ کان اڳ سندن ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ لازم قرار ڏنو هو