سنڌ سون جهڙي ڌرتي جا شهر تيل ۽ گيس سان مالا مال ڄام نواز علي جو شهر نئون آباد بنيادي سهولتن کان وانجهيل

ڄام نواز علي: تيل ۽ گيس سان مالا مال ڄام نواز علي جو شهر نئون آباد جديد دور ۾ به ترقي کان محروم آهي. ان ڏس ۾ وڏي آبادي رکندڙ نئون آباد شهربنيادي سهولتن کان محروم آهي، شهر ۾  صفائي جا جوڳا اپاءُ نه ٿي سگهيا آهن، صفائي شهرين  لاء خواب بڻجي وئي آهي. ان ڏس ۾ تقريبن 20هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ شھر نئون آباد انيڪ مئسلن جي ور چڙهي ويو آهي. اڄ جي جديد دور ۾ شهري صحت تعليم، روڊ رستن، پئڻ جي پاڻي کان محروم آهن، جڏهن ته شهرين جي تفريح لاءِ پبلڪ پارڪ، لائبرري، ٻارن جي راندين لاءِ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۽ ٻيون بنيادي سھولتون پڻ نه آهن، قدرتي وسيلن سان مالا مال ھوندي به شهري نڌڻڪا آهن. انتظاميا جي لاپرواھي جي ڪري  سوريج  سسٽم  تباهه ٿي ويو آهي، ڊرينج لائنون ٽٽڻ  جي ڪري شھر جي مختلف محلن ۽ گھٽين ۾ گندو پاڻي تلائن جي صورت بيھجي ويو آهي، صفائي جو عملو نه هجڻ سبب سڄو  شھر گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شھرين جي زندگي  عذاب بڻجي وئي آھي. واٽر سپلاءِ جي تلائن جي چوديواريون ٽٽڻ ھجڻ ڪري تلائن ۾ گڏھ، ڪتا ۽ ٻين جانورن جو اچڻ معمول بڻيل آهي  جڏھن ته علائقي واسي گند ڪچري وارا ڪپڙا ڌوئڻ وارو پاڻي ۽ چڪين جوزهريلو پاڻي  واٽر ڪورس ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، جنهن سبب اهو پاڻي واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ گڏ ٿئي ٿو جيڪو شھرين کي پيئڻ لاءِ فراھم ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب وبائي بيماريون پکڙجڻ جوخدشو وڌي ويو آهي، شهرين ڀونگر خان مهر، دين محمد، امير بخش مهر، محمد راجپر، دل مراد کوسو، انب شيدي، پپو مهر، هدايت الله کوسو  ۽ ٻين چيو آهي ته هتي جي انتظاميا صفائي جي بهتري لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا آهن. ڊگهي عرصي کان شهر جي صفائي ٿي نه سگهي آهي جنهن سبب هتي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. او جي ڊي سي ايل انتظاميا توڙي حڪومتي اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي شهر جو صفائي نظام توڙي ڊرينيج نظام کي بهتر بڻائين ۽ ڪرپٽ آفيسرن خلاف جاچ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو. هوڏانهن نئون آباد کا 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻوٻي آئيل فيلڊ قائم آهي، جتان او جي ڊي سي ايل تيل ۽ گئس جي مد ۾ ھر مھيني ڪروڙين روپين جي آمدني ڪري رھي آھي، ان باوجود آئل فيلڊ انتظاميا توڙي ضلعي انتظاميه ھن شھر جي ترقي لاءِ ڪي به اپاء نه ورتا آھن، اڄ به ھن جديد دور ۾ نئون آباد شھري ۽ ٻھراڙين جا ڳوٺ روڊ، اسپتالون، پاڻي ۽ ٻين بنيادي سھولتن کان محروم آھن، جڏھن ته علائقي جا لنڪ روڊ تباھ آھن، جنھن سبب شھرين توڙي علائقي واسين کي اچ وڃ ۾ انتھائي مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن.