سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ ڪرونا ۾ متاثر ٿيندڙن جو انگ 4437 ٿي ويو

ڪراچي:- سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڌيڪ ڪورونا جا مريض ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پوري ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 4437 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻن ڄڻن جي فوتگين سبب پوري ملڪ فوت ٿيندڙن جو انگ 64 ٿي ويو آهي، اين سي او سي موجب سڄي ملڪ اندر گذريل 24 ڪلاڪن وڏي انگ ۾ ٽيسٽون ڪيون آهن، جنهن سبب ڪيسز وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. هن وقت سنڌ ۾ 1128 ڪيسز ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ ڪيسز جو انگ سڀني صوبن کان وڌيڪ آهي، پنجاب ۾ 2188 ڪيسز ظاهر ٿيا آهن،ڪي پي ۾ 560، بلوچستان ۾ 213، گلگت به 213، اسلام آباد 102 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 33 ڪيسز کانپوءِ ملڪ اندر ڪيسز جو انگ 4437 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 64 ٿي ويو آهي. سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 20، 20، پنجاب ۾ 17، گلگت بلتستان ۾ 3، بلوچستان ۾ 2 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي