سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 4 مريض فوت، 60 ماڻهو متاثر، انگ 15 سئو 88 ٿي ويو

اسلام آباد /ڪراچي :- ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ چار ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 16 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 31 سئو نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ وڌي 15 سئو 88 ٿي ويو آهي.ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 3 ٿي ويو آهي. سنڌ جي صحت کاتي ٻن مريضن جي فوت ٿيڻ جيتصديق ڪندي چيو آهي ته  فوت ٿيلن مان هڪ جي عمر 83 ۽ ٻئي جي 70  هئي. صوبائي وزير عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي  فوت ٿيل ٻئي مريض بخار ۾ به مبتلا هئا. ڊائو اسپتال ۾ فوت ٿيل ماڊل ڪالوني واسي جي گهر کي انتظاميه سيل ڪندي سندس پنجن گهر ڀاتين کي آئسوليشن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايبٽ آباد ۾ به هڪ ڄڻو ڪورونا وائرس سبب حياتي وڃائي ويٺو، جنهن بعد ملڪ ۾ فوتين جو انگ 15 ٿي ويو آهي. ڪمشنر هزارا تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ ايب آباد جي مقامي اسپتال ۾ داخل ٿيل مريض حياتي وڃائي ويٺو، جيڪو هفتو اڳ تبليغي جماعت سان گڏ هو. پابندين باوجود ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 33 ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽  انگ وڌي 502 ٿي ويو آهي. نوان متاثر ڪراچيءَ ۾ ظاهر ٿيا، 33 ئي ماڻهن ۾ وائرس مقامي سطح تي منتقل ٿيو. ڪراچيءَ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 222 ٿي ويو  آهي. تفتان رستي ايران کان سکر آندل پانڌيئڙن ۾ 265 متاثر ٿيا آهن. تفتان رستي ايران کان لاڙڪاڻي آندل پانڌيئڙن ۾ 7 متاثر شامل آهن. حيدرآباد ۾ 7، دادو ۾ هڪ ڪيس آهي،  سنڌ ۾ هن مهل تائين 3 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. هوڏانهن رائيونڊ تبليغي مرڪز ۾ 27 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن بعد انهن کي آئسو ليشن مرڪز منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اداري ۾ اڃا به 2 هزار ڄڻا موجود هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حيدرآباد جي تبليغي مرڪز ۾ وڌيڪ ٽن ڄڻن کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي، ڪيترائي پرڏيهي مرڪز مان نڪري گهر مان نڪري گهرن ۾ منتقل ٿي ويا آهن، ٻئي پاسي  پنجاب ۾ متاثر مريضن جو انگ 571، سنڌ ۾ 502، ڪي پي ۾ 196، بلوچستان 141، گلگت بلتستان ۾ 128، اسلام آباد ۾ 43 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ هن وقت تائين 28 ڄڻا صحتياب ٿي چڪا آهن.