سنڌ سموري لاپتا : تاج جويو

سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو وري رياستي ادارن ،عالمي دٻاء ۽ عوامي احتجاجن کي نظر انداز ڪندي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري غير قانوني ، غير آئيني ، غير اخلاقي ۽ غير انساني عمل کي شروع ڪري ڇڏيو آھي:

(1) 02 جون 2021 تي موري شھر جي رھواسي پورھيت قلفيون وڪڻندڙ ايوب حب کي ملير ھاء وي ڪراچي شاھ لطيف ٿاڻي جي حد مان کنڀي گم ڪيو ويو آھي.

(2) 16 جون 2021 تي چئن سالن کان کنڀي گم ڪيل پنھنجي والد محمد ايوب ڪانڌڙي جي آزادي لاء جدوجھد ڪندڙ ۽ سندس پٽيشنر سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي شاگرد سجاد ڪانڌڙي کي عبداللّه سينٽر حيدرآباد مان کنڀي گم ڪيو ويو آھي.

(3) 8 جون 2021 تي ڪراچي لوڻ فيڪٽريء ۾ مشين آپريٽر طور ڪم ڪندڙ پورھيت نديم علي مغيريء کي پنھنجي گھر الھ آباد پاڙي لاڙڪاڻي مان کنڀي گم ڪيو ويو آھي.

(4) 14 جون 2021 تي گاجي کھاوڙ ضلعي قمبر شھداد ڪوٽ جي رھاڪو ۽ ڪپڙي جي دڪان تي ڪم ڪندڙ پورھيت عبدالحڪيم گاڏھيء کي بلاول ڪالوني ڪراچيء مان کنڀي گم ڪيو ويو آھي.

(5) 26 جون 2021 تي نصير آباد شھر مان سياسي ۽ سماجي شخصيت ,عوامي ورڪرس پارٽيء جي سرگرم اڳواڻ ڪامريڊ سينگار علي نوناريء کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي.

وفاقي سرڪار ,سنڌ سرڪار ,اسٽيلنشمينٽ ۽ رياستي ادارن کان سنڌي قوم جا ساڃاھ وند پڇڻ گھرن ٿا ته ڇا سنڌ وفاق جي ڪالوني آھي ۽ سنڌ جي باشعور فردن کي پنھنجي ڌرتيء تي جيئڻ ۽ آزاد زندگيء گذارڻ جو حق نه آھي?

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کان سوال آھي ته سنڌ مان ھي جبري گمشدگيون پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي شقن جي واضح خلاف ورزي نه آھن? ڇا ھي کنڀي گم ڪرڻ وارو عمل عالمي عدالت انصاف ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي نه آھي?

سنڌ مان سالن کان کنڀي گم ڪيلن : انصاف دايي,ايوب ڪانڌڙي,مرتضي جوڻيجي,ڪاشف ٽڳڙ,سھيل رضا ڀٽي,صحبت کوسي,ڊاڪٽر فتح محمد کوسي,پي ڪي زھراڻي,غلام شبير قمبراڻي ,فھيم حيدر سومري,نسيم بلوچ ,جبار سرڪي,اعجاز ڳاھي,الھوڌائي مھر,مولانه بخت الله پھوڙ,سرويچ نوۡحاڻي,مولوي عبدالرحمان پنھور,ظفر چانڊيي,سجاد شاھ,دين محمد بلوچ ,امداد شاھ ۽ ٻين ڪيترن بيگناھن جون جبري گمشدگيون آخر ڪھڙي ڏوھ ھيٺ ڪيون ويون آھن? ھنن جي خاندانن کي سالن کان وٺي مرڻ ۽ جيئڻ جي سزا ڇو ڏني وئي آھي? ھنن جي مائرن,پيئرن,ڀينرن,ڀائرن,نياڻين,زالن,پٽن ۽ ٻين وارثن کي تڙپائڻ جو آخر ڪھڙو مقصد آھي? ھنن لاء عدالتن جا دروازا ڇو بند آھن?

اسان جي گھر آھي ته ڪلھ کان اڄ تائين جيڪي سنڌ جا شھري کنڀي گم ڪيا ويا آھن ,تن کي فوري طور ظاھر ڪريو.,آزاد ڪريو ۽ سنڌ جي سوين خاندانن جي گھرن ۾ مرڪون ۽ خوشيون موٽائي ڏيو!