سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ لاءِ درگاهن جي گادي نشينن کي دعا جي اپيل ڪري ڇڏي.

ڪراچي :- سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس کان محفوظ رهڻ لاءِ درگاهن جي گادي نشينن کي دعا جي اپيل ڪري ڇڏي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پي ايس ايل جي مئچ ڏسڻ لاءِ آيل ماڻهن کي بخار ۽ زُڪام جون علامتون هونديون ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس سُڌ سماءَ واري وزير ناصر شاهه چيو ته ڪورونا جو هڪ مريض گذريل ڏينهن صحتياب ٿي گهر هليو ويو آهي، هيل تائين 189 ماڻهن جي ڪورونا جي حوالي سان ٽيسٽ ڪئي وئي آهي، سموري صوبي ۾ قرنطينه وارڊز قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته تافتان مان آيل پنج سئو زائرين کي سکر ۾ رکڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. پي ايس ايل جي مئچ جي حوالي سان ناصر شاهه چيو ته جن کي بُخار يا زڪام هجي، اُهي مئچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم اچڻ کان پاسو ڪن، جيڪڏهن اهڙا ماڻهو اسٽيڊيم آيا ۽ نشاندهي ٿي ته اُنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسڪول وڌيڪ عرصي لاءِ بند رکڻ يا نه رکڻ جو حتمي فيصو اڄ ڪيو ويندو. ايئرپورٽس تي ايندڙ مسافر جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي. ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڌ جو صحت کاتو وفاق جي مدد ڪري رهيو آهي، صحت کاتي ايئرپورت انتظاميا کي 8 تربيت يافته ماڻهن جو عملو ڏنو آهي، جيڪو مختلف شفٽس ۾ مسافرن جي اسڪريننگ دوران هٿ ونڊائيندو. ايئرپورٽس تي اسڪريننگ جي ذميواري وفاق جي آهي، پر سنڌ سرڪار اُن جي مدد ڪري رهي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته سنڌ سرڪار پرڏيهه مان آيل 1500 ماڻهن جو پتو لڳايو، پوءِ اُنهن جي اسڪريننگ ڪئي ۽ جِن ۾ علامتون نظر آيون ته آئسوليشن وارد منتقل ڪري ٽيسٽ لاءِ سندن نمونا ورتا ويا. اسڪريننگ ۽ ٽيسٽ جي عمل ۾ فرق هوندو آهي، هر مسافر جي ٽيسٽ نٿي ڪري سگهي. ڪورونا جي ٽيسٽ لاءِ وفاق طرفان مهيا ڪيل ڪِٽس ڪافي نه هيون، تنهن ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي خصوصي فنڊز مان وڌيڪ ڪِٽس گهرايون آهن، ڪورونا جي ٽيسٽ لاءِ مريضن کان ڪابه فيس نه پئي ورتي وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر شاهه چيو ته درگاهن جي گادي نشينن کي اپيل ڪئي آهي ته اُهي دڪا ڪن، جيئن سنڌ سوڌو سموري دُنيا ڪورونا وائرس کان محفوظ رهي سگهي. ٻين صوبن ۾ ڪورونا جا ڪيس ظاهر نه ٿيڻ تي حيرت آهي، وزيراعظم کي ٻين صوبن ۾ ڪورونا جون ٽيسٽس ڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڪورونا جي حوالي سان غلط خبرون هلائيندڙن خلاف ڪرائيم تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا.