سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ سماجي ۽ مذهبي گڏجاڻين تي به پابندي لڳائي ڇڏي

ڪراچي :-  سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ سماجي ۽ مذهبي گڏجاڻين تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. سنڌ سرڪار طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اهم حڪم ۽ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ اندر سمورن تعليمي ادارن، اسڪول، ڪاليجز، ميڊيڪل ڪاليجز، ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ادارا، سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽيز، ڪوچنگ سينٽرز ۽ مدرسن کي 31 مئي تائين بند ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب سموري صوبي ۾ شادي هالز، بينڪُئيٽ هالز ۽ سئنيما گهرن کي به ٽن هفتن تائين بند ڪيو ويو آهي، اُن کانپوءِ ٻيهر کولڻ يا بند رکڻ جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ سماجي توڙي مذهبي ميڙاڪن سوڌو ٻين سمورين تقريبن تي به پابندي لڳائي وئي آهي. ايندڙ حڪم تائين مذهبي ۽ سماجي ميڙاڪا توڙي اجتماع نه ڪيا ويندا، جڏهن ته سمورين ننڍين وڏين درگاهن کي به ٽن هفتن تائين بند ڪيو ويو آهي.
سنڌ سرڪار جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايندڙ حڪم تائين جيلن ۾ قيدين سان ملاقاتون به بند ڪيون ويون آهن، اُن کانسواءِ صوبي ۾ ڪنهن به قسم جي عوامي ميڙ تي پابندي لڳائي وئي آهي.