سنڌ سرڪار ڪورونا وائرس جي ڪري تعليمي ادارا 13 مارچ تائين بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي:-  سنڌ سرڪار صوبي جا سمورا نجي توڙي سرڪاري تعليمي ادارا 13 مارچ تائين بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن دوران صوبي سميت ملڪ اندر ڪورونا وائرس جا 4 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ واري صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، لاڳاپيل اختيارين اجلاس کي ڪورونا وائرس جي حوالي سان آگاهي ڏني، جڏهن ته ڪورونا جي شڪي ڪيسن جي چڪاس ۽ وائرس جي امڪاني پکيڙ جي روڪٿام لاءِ حوالي سان مختلف آپشنز جو جائزو ورتو ويو. جنهن بعد صوبي جا اڳ ئي بند پيل سمورا تعليمي ادارا 13 مارچ تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. واضح رهي ته ملڪ اندر ڪورونا جا 2 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد گذريل خميس کان تعليمي ادارا بند رکيا ويا، جيڪي سڀاڻي کلڻا هئا پر حڪومت ٻيهر موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مريضن جو انگ 4 ٿي چڪو آهي، جن مان 2 سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ 2 ملڪ جي راڄڌاني ۾ ظاهر ٿيا آهن.