سنڌ سرڪار کي اين ايف سي جي نئين جوڙجڪ تي اعتراض وڏي وزير ڏهين مالياتي ڪميشن جَي نئين نوٽيفڪيشن تي به اعتراض واريندي وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي :  سنڌ سرڪار ڏهين مالياتي ڪميشن جَي نئين نوٽيفڪيشن تي به اعتراض وارَي ڇڏيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو. وڏي وزير خط ۾ چيو آهي ته نئين ايف سي جَي ٽرمز آف ريفرنس جون 3 شقون آئين سان ٽڪراءُ ۾ اچن ٿيون. آئين ۾ واضح آهي ته وفاق قومي سطح جَي منصوبن ۾ صوبن جَي حصن مان ڪٽوتي نه ٿو ڪري سگهي.