سنڌ سرڪار پاران 20 لک خاندانن کي راشن فراهم ڪرڻ واري اعلان تي سڀاڻي کان عمل ٿيندو

ڪراچي :- سنڌ سرڪار پاران 20 لک خاندانن کي راشن فراهم ڪرڻ واري اعلان تي سڀاڻي کان عمل ٿيندو،حقدارن کي راشن جا ڏوڪڙ روڪ ڏنا ويندا، صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 20 هزار کن پيا آهن ته انهن کي رقم منتقل نه ٿيندي. جاري ڪيل پڌرائي موجب لاڪ ڊائون سبب سنڌ سرڪار پاران 20 لک خاندانن کي راشن ڏيڻ واري اعلان تي سڀاڻي کان عمل ڪيو ويندو. سنڌ جي تعليم ۽ پورهئي واري کاتي جي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته مستحق ماڻهن جي سروي ڪرائي پئي وڃي،ڪجهه تفصيل گڏ ٿي چڪا آهن، پر مستحقن کان آن لائين درخواستون به گهرائيون وينديون. هن چيو ته سنڌ سرڪار هڪ هيلپ لائين نمبر جاري ڪندي، جنهن ذريعي مستحق ماڻهو پنهنجي درخواست سرڪار تائين پهچائيندو،نادرا ۽ اسٽيٽ بينڪ کان به مستحقن جا تفصيل ورتا ويندا. صوبائي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 20 هزار کن پيا آهن ته انهن کي رقم منتقل نه ٿيندي، پر جيڪڏهن حقيقت ۾ ڪو مستحق آهي ته سندس مدد ڪئي ويندي، اهڙي ريت مستحقين جي مدد ٿي ويندي ۽ انهي عمل ۾ ڪا بدعنواني به نه ٿي سگهندي. سعيد غني چيو ته سندن ڪوشش آهي ته مختلف فلاحي ادارن سان گڏجي اعلان تي عمل ڪرايون،وڏي وزير جو اڄ ان حوالي سان امڪاني اعلان به متوقع آهي.