سنڌ سرڪار پاران گھوٽڪي جي پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار لنڊ خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي :- سنڌ سرڪار پي ٽي آءِ گھوٽڪي جي مقامي اڳواڻ افتخار لنڊ خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پاران ٽوئيٽ ڪري ڄاڻايو و يو آهي ته افتخار لنڊ پنهنجي ڊرائيور تي بي رحماڻو تشدد ڪيو، سنڌ جي قانون واري کاتي وٽ افتخار لنڊ خلاف شڪايت آئي آهي، درخواست ۾ پي ٽي آءِ قيادت پاران مخالفن کي سريو وجھڻ واري ڌمڪي جي به شڪايت ڪئي وئي آهي. ٽوئيٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته قانون واري کاتي انساني حقن جي ڪميشن کي به ڪاروائي لاءِ لکيو آهي.