سنڌ سرڪار پاران هفتي جا چار ڏهاڙا ڪاروبار ۽ 9 کاتن جي سيڪريٽريٽ کولڻ جو اعلان

 ڪراچي :- سنڌ سرڪار واپارين کي اڄ کان مشروط طور ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، صبح ڇهين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين دڪان کوليا ويندا، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري واپارين جي  هوندي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته عوام جي صحت سندن ترجيح آهي، ڪورونا وائرس جي عروج تي آهي، ٻيهر ڪاروبار کولي ڏکيو فيصلو ڪيو، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ هوائي اڏا کولڻ تي اعتراض آهن، لاڪ ڊائون جو فائدو ٿيو، سنڌ سرڪار جي فيصلن تي اعتراض ڪري سياسي دڪانداري چمڪائي پئي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ واپارين ۾ ملاقات دوران ايس او پيز تحت ڪاروبار ٻيهر کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اڄ صبح ڇهين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين ڪاروبار کوليو ويندو، جڏهن ته شاپنگ مال ۽ شاپنگ سينٽر کولڻ تي پابندي برقرار رکي ويندي. وڏي وزير جي ترجمان موجب گهرو سيڪريٽري واپارين کي ٻڌايو ته ڪهڙا ڪهڙا ڪاروبار کوليا ويندا ۽ ايس او پيز ڪهڙيون هونديون. ايس او پيز تحت دڪان اندر گراهڪن ۾ ٽن فوٽن جي وٿي لازمي برقرار رکي ويندي. اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عوام جي صحت سندن پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته ڪورونا وائرس پنهنجي عروج تي آهي، سندن لاڪ ڊائون سان فائدو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته هو وفاقي سرڪار سان صلاح مشورا ڪندا رهندا آهن،  هنن پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ اڏامون بحال ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار رات وقت ڪاروبار کولڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن تي هنن اعتراض واريو، وفاقي سرڪار سندن ڳالهه قبول ڪئي. هن چيو ته ڏکيا فيصلا ڪندي کين به تڪليف پهتي، هاڻي ٻيهر ڪاروبار کولڻ وارو فيصلو به نهايت مشڪل آهي. سندس چوڻ هو ته ڪاروباري ماڻهو پريشانيءَ جو شڪار آهن، هاڻي سندن خلاف هڪ سياسي ڪاروبار شروع ٿي ويو آهي. وڏي وزير مراد  علي شاهه چيو ته واپارين کي آسان شرطن تي قرض ڏيارڻ لاءِ وفاقي سرڪار سان ڳالهائيندو. واپاري اڳواڻ سراج قاسم تيلي چيو ته جان آهي ته مال آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جا قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ڪاروبار کولڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو،  کين هر شخص تائين ايس او پيز پهچائڻيون آهن. هن چيو ته شادي هال، ريسٽورنٽ، هوٽل ۽ تعليمي ادارا 31 مئي تائين بند هوندا، سيلون ۽ بيوٽي پالر نه کلي سگهندا، راندين جي سرگرمين ۽ مذهبي ميڙاڪن جي به اجازت نه هوندي، ٽرانسپورٽ تي به پابندي برقرار رهندي، گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.  هوڏانهن سنڌ سرڪار وڌيڪ 9 سرڪاري کاتن جي آفيسن کي کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اوقاف، مذھبي معاملن ۽ عشر زڪوات، انساني حقن، صنعت، واپار، انفارميشن ٽيڪنالوجي، اقليتن وارو کاتو، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جون آفيسون به کوليون وينديون ان سان گڏ سيڙپڪار بورڊ، ورڪس اينڊ سروسز ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جون آفيسون کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري اڄ کان آفيسون کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. آفيسون کولڻ لاء گهروکاتي قاعدا ۽ ضابطا پڻ جاري ڪري ڇڏيا.