سنڌ سرڪار پاران عيد جي 3 ڏينهن کانپوءِ گاڏيون هلائڻ جو فيصلو

لاهور/پشاور/ ڪراچي :- ڪي پي ۽ پنجاب حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ آن لائن ٽيڪسي سروس هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، 20 سيڪڙو ڀاڙا گهٽائڻ جو اعلان، سنڌ سرڪار پاران عيد کان اڳ پبلڪ ٽرانسپورٽ بحال ڪرڻ کان انڪار، عيد جي ٽن ڏينهن کانپوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، بلوچستان سرڪار ٽرانسپورٽ هلائڻ بابت ڪو به فيصلو نه ڪري سگهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار انٽر سٽي، انٽر ڊسٽرڪٽ ٽرانسپورٽ ۽ آن لائن ٽيڪسي سروس کولڻ جي اجازت ڏيندي ڀاڙن ۾ به 20 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ڪورونا وبا جي روڪٿام لاءِ قائم ڪابينا ڪميٽي جو خاص ويڊيو لنڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حڪومت طرفان احتياطي قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ وبا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران اهم فيصلا ڪيا ويا، جن ۾ آن لائن ٽيڪسي ۽ ٽرانسپورٽ سروس کولڻ، ايس او پيز تحت گرجا گهرن ۾ آچر ڏينهن عبادت جي اجازت ڏيڻ، وڏن شاپنگ مالز کي ايس او پيز تحت کولڻ، جڏهن ته پاور لومز کي به ڪم ڪرڻ جي اجازت جي منظوري ڏني وئي. عثمان بوزدار مسافرن لاءِ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪندي چيو ته عام ماڻهن جي سفري ڏکيائين جو احساس ڪندي انٽر سٽي ۽ انٽر ڊسٽرڪٽ ٽرانسپورٽ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڀاڙن ۾ لاٿ سان عام ماڻهو کي رليف ملندو. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ کي واضح ڪيل ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻو پوندو، مسافرن، ڊرائيورن ۽ ڪنڊيڪٽرن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، سينيٽائيزر رکڻ جي پابندي هوندي ۽ مسافرن ۾ سماجي وٿي تي به ضروري عمل ڪرڻو پوندو. هوڏانهن خيبرپختونخواهه ۾ به پبلڪ ٽرانسپورٽرن کي ايس او پيز تحت گاڏيون هلائڻ جي اجازت ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، وڏي وزير جي صلاحڪار اجمل وزيرچيو آهي ته صوبائي حڪومت عام موڪلن ۾ 31 مئي تائين واڌ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، ڪي پي حڪومت جي ترجمان موجب صوبائي حڪومت عام مڪلن ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، ضروري آفيسن کانسواءِ سموريون آفيسون بند رهنديون، عام موڪل ۾ واڌ جو مقصد ڪورونا جي خطرن کي روڪڻ آهي، ان حوالي سان گهرو کاتي باضابطو طور تي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي سنڌ سرڪار عيد کان اڳ ٽرانسپورٽ نه کولڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو عيد کان بعد ٽرانسپورٽ بابت ايس او پيز جي تياري لاءِ غور شروع ڪيو ويندو. ٽرانسپورٽرن کي ٽئڪس، ڏنڊ، وهيڪل انسپيڪشن فيس سميت وهيڪل ٽئڪس ۾ رعايت لاءِ سفارشي سمري وزيراعليٰ ڏانهن اماڻي وئي. ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي وزير پاران وڏي وزير ڏانهن اماڻيل سمري ۾ عارضي بنيادن تي ڏنڊ جي رقم ۾ 50 سيڪڙو، وهيڪل انسپيڪشن فيس ۾ 40 سيڪڙو، موٽر وهيڪل ٽئڪس ۾ 25 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. ياد رهي سنڌ ۾ 23 مارچ کان ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي بند پيل آهي، ڪراچي ۾ ترسيل لکين ماڻهن هن ڀيري عيد تي ڳوٺ وڃڻ کان محروم ٿي ويندا.