سنڌ سرڪار ٽيڪس اوڳاڙيءَ لاءِ وفاق آڏو 7 ارب رپين جي واپسيءَ جو شرط رکي ڇڏيو

ڪراچي :-  پهرين ٽئڪس اوڳاڙي جي مد ۾ ڪاٽيل 7 ارب رُپيا واپس ڪريو، وفاقي ڪابينا ٽئڪس اوڳاڙي لاءِ سنڌ حڪومت کي باضابطا طور درخواست ڏئي ۽ موٽر سائيڪل تي ود هولڊنگ ٽئڪس واپس وٺي، سنڌ سرڪار ٽئڪس اوڳاڙي لاءِ وفاق آڏو 3 شرط رکي ڇڏيا، ٻن ڏينهن تائين ٽئڪس اوڳاڙي بند ٿيڻ بعد ڪراچي پهتل ڪمشنر ايف بي آر جي ايڪسائيز کاتي جي سيڪريٽري سان ملاقات، ايف بي آر طرفان سيڪريٽري ايڪسائيز آڏو وفاق جو موقف پيش ڪيو ويو. سنڌ سرڪار به ايف بي جي ڪمشنر کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪري ڇڏيو. وڏي وزير جي اعلان بعد سنڌ ۾ وِد هولڊنگ ٽئڪس جي اوڳاڙي نه ٿيڻ تي وفاقي سرڪار پريشاني جو شڪار ٿي وئي، وفاقي وزير حفيظ شيخ جو سنڌ سرڪار کي خط ملي ويو، ڪمشنر ايف بي آر طرفان ايڪسائيز کاتي جي سيڪريٽري کي وفاقي حڪومت جي موقف کان آگاهي، صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا موجب وڏي وزير جي خط جي جواب ۾ حفيظ شيخ خط لکي چيو آهي ته ٽئڪس اوڳاڙي ڪريو، وفاقي ڪابينا ۾ ٽئڪس اوڳاڙي جي منظوري وٺڻ بعد سنڌ حڪومت کي خط لکيو وڃي، اُن کانپوءِ سنڌ ڪابينا جائزو وٺي خط جو جواب ڏيندي، سنڌ سرڪار ٻن ڏينهن کان وفاق لاءِ ٽئڪس اوڳاڙي نه ڪري رهي آهي.