سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کي ملڪ لاءِ سڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي :- سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب، ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ خراب حڪمت عمليءَ جا الزام رد ڪندي وفاقي سرڪار ملڪ لاءِ سڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو آهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب سڀ کان گهٽ موت ٿيا، مريضن جي صحتيابي جي شرح به وڌيڪ آهن، وبا دوران ٻين صوبن کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون ويون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ ۾ صورتحال بهتر آهي، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته وبا ختم ٿي وئي، ايندڙ وقت ۾ احتياط جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کانپوءِ پي ٽي آءِ جي منافقت ۽ نااهلي جو وائرس پکڙجي رهيو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ٻن ورهين کان عملي طور هڪ نه پر ٻه پاڪستان قائم ڪيا ويا آهن، هڪ غريبن ۽ مخالف ڌر ۽ ٻيو    پاڪستان بحران مافيا لاءِ  آهي. سنڌ سرڪار جي ترجمان چيو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو ٻيو بحران اچڻ وارو آهي، عمران خان جو نوٽيس خطرناڪ آهي، جڏهن به هن نوٽيس ورتو عوام جون رڙيون نڪري ويون. مرتضيٰ وهاب چيو ته کنڊ ڪميشن رپورٽ پڙهڻ کانپوءِ خبر پئي ته کنڊ ڪميشن پاڻ چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جا اگهه ٻاهر موڪلڻ واري فيصلي سبب وڌيا، وزير اعظم تيل مافيا آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته آصف زرداري، فريال ٽالپر، اسپيڪر، خورشيد شاهه ۽ ٻين کي نيب گرفتار ڪري ٿي، وڏي وزير کي روز گهرائي ٿي پر وزيراعظم عمران خان کي نه ٿو گهرايو وڃي. مرتضيٰ وهاب چيو ته خاص مددگارن ۽ صلاحڪارن کي مني ٽريل ڏيڻ گهرجي، هاڻي ٻٽو معيار قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ خلاف احتجاج منافقت ۽ ٻٽو معيار آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪجهه ماڻهو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آحن، سنڌ سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون، سڀ کان وڌيڪ مريض به هت  صحتياب ٿيا آهن. هن چيو ته انگ اکر ٻڌائن ٿا ته سنڌ حڪومت جي هاڪاري پاليسين  جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن