سنڌ سرڪار نمرتا جو ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي: قادر مگسي

ڪراچي:-  لاڙڪاڻي جي آصفا ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي خون سان انصاف لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ ٽن ڏينهن واري بک هڙتالي ڪيمپ پڄاڻيءَ تي پهچي وئي. شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي خون سان انصاف جي حوالي ايس ٽي پي پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٽن ڏينهن واري بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي. آخري ڏهاڙي تي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي به ڪيمپ تي پهتو، ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته نمرتا قتل ڪيس کي سنڌ سرڪار لوڙهڻ چاهي ٿي، هن چيو ته قاتل گرفتار نه ٿيا ته وڏي وزير تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اهڙن واقعن سان نياڻين جي تعليم متاثر ٿئي ٿي.