سنڌ سرڪار ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 4 ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.

اسلام آباد/ڪراچي :- وفاق ۽ سنڌ سرڪار ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 4 ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس کانپوءِ سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار فردوس اعواڻ ۽ صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر مرزا پريس ڪانفرنس ڪئي. سندسن چوڻ هو ته اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته چئني صوبن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي آفيسرز کان وڊيو لنڪ ذريعي اپڊيٽ ورتا ويا.
اُن موقعي تي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سنڌ ۽ وفاقي علائقي ۾ ڪورونا وائرس جا 2 وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي. ڪورونا جي ٻن پهرين ڪيسز جي حوالي سان ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ٻنهي جي صحت ۾ سُڌارو اچي رهيو آهي، جلد هڪ مريض کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي سنڌ جي صحت کاتي به بيان جاري ڪندي ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جنهن بعد سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ڪورنا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جو ٻيون مريض به تازو ايران مان واپس آيو هو، کيس آئسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جِن ماڻهن سان سندس رابطا ٿيا، اُنهن جي به نگراني ڪئي پئي وڃي.
حڪومت جو چوڻ آهي ته شهرين کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ۽ ماسڪ پائڻ جي به ضرورت نه آهي، باقي ماڻهن جي هجوم ۾ غيرضروري طور وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته هٿ صحيح طريقي سان ڌوئڻ سوڌو بُنيادي احتياطي اپاءَ وٺڻ ۾ سستي نه ڪئي وڃي.