سنڌ سرڪار لاءِ مٿي جو سور بڻيل ڪليم امام نيٺ بدلي، مشتاق مهر نئون آءِ جي مقرر

 اسلام آباد:- وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ۾ مهيني کان آءِ جي معاملي تي هلندڙ تڪرار ٺيڪ پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويو. وفاقي ڪابينا مشتاق مهر کي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ پوليس مقرر ڪرڻ جو منظوري ڏئي ڇڏي آهي، منظوري کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سندس نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ذريعن موجب وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ آءِ جي کي تبديل ڪرڻ وارو معاملو حل ٿي ويو آهي ۽ وفاقي ڪابينا مشتاق مهر کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن ذريعي سمري جي منظوري ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت گريڊ 22 جي هڪ ۽ 21 جي 4 نالن جي سمري موڪلي هئي، جن ۾ گريڊ 22 جي مشتاق مهر ۽ گريڊ 21 جي غلام قادر ٿيٻو جا نالا شامل هئا.ذريعن موجب گريڊ 21 جي ڪامران فضل، ثناءُ الله عباسي ۽ انعام غني جا نالا به سمري ۾ شامل هئا، جڏهن ته وفاقي ڪابينا مشتاق مهر جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي.وفاقي حڪومت انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس سنڌ ڪليم امام جي جڳهه تي مشتاق مهر کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسٽيبلشمينٽ ڊويزن مان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 22 جي پوليس آفيسر مشتاق مهر کي آءِ جي سنڌ بڻايو ويو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مشتاق مهر هن وقت پاڪستان ريلوي پوليس ۾ انسپيڪٽر جنرل جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ ان کي صوبائي پوليس جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جي مقرر فوري طور تي ٿيندي. گذريل هڪ مهيني کان وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت ۾ آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي بدلي ڪرڻ واري معاملي تي تناظو هلي رهيو هو، جيڪو ڪالهه ٺيڪ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو آهي.هوڏانهن سنڌ مان بدلي ڪيل آءِ جي سنڌ ڪليم امام کي آءِ جي موٽر وي مقرر ڪيو ويو آهي.