سنڌ سرڪار طرفان نوشهري ۽ ٻولهاڙي ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون ۽ ڪراچي ۾ نوينا اسٽيل ملز قائم ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي :- وڏي وزير سيد علي شاهه چيو ته آهي ته ملڪ ۽ صوبي جي ترقي روڪيندڙن کي لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسين ۽ ٻاين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي بورڊ جي مختلف فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اعليٰ سطحي اجلاس دوران نوشهروفيروز ۾ 80 ايڪڙن تي انڊسٽريل پارڪ قائم ڪرڻ، ٻولهاڙي ۾ 282 ايڪڙن تي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ ۽ نوينا اسٽيل ملز پورائيوٽ لميٽڊ 50 ايڪڙرن تي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب اسٽيل ملز پرائيويٽ  سيڪٽر قائم ڪيو ويندو. اجلاس دوران نوري آباد ويجهو 50 ايڪڙن تي پرائيويٽ سيڪٽر ذريعي ٽائرن جي فيڪٽري قائم ڪرڻ به منظوري ڏني وئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 300 ايڪڙن تي ٻڌل ماربل سٽي ناردرن باءِ پاس ويجهو قائم ڪئي ويندي،پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته پراجيڪٽ  تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي 10 جولاءِ تي حملو ڪيو ويو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته حملو ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ملڪ ۽ صوبي جي ترقي روڪيندڙن کي لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو