سنڌ سرڪار طرفان سنڌ ۾ هڪ کان ٻئي شهر تائين ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت

ڪراچي :- سنڌ حڪومت انٽر سٽي ٽرانسپورٽ جي اجازت ڏئي ڇڏي، صوبائي وزير اويس قادر شاهه جو چوڻ آهي ته مسافر گاڏيون ايس او پيز تحت هلائڻ جي اجازت ڏني آهي. صوبائي سرڪار سنڌ ۾ هڪ کان ٻئي ضلعي تائين ٽرانسپورٽ هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير سيد اويس شاهه جو چوڻ هو ته چوڻ هو ته مسافر گاڏين ۾ سماجي وٿي رکڻ لازمي هوندي. اويس قادر شاهه چيو ته مسافر گاڏين ۾ ماسڪ، سينيٽائزر جو استعمال لازمي هوندو. صوبائي وزير چيو ته سموريون مسافر گاڏيون  سنڌ حڪومت جي مقرر ڪيل بس اڏن تان نڪرنديون، ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي