سنڌ سرڪار سمورن کاتن ۾ هيٺين گريڊز ڀرتين جو اعلان

ڪراچي:- سنڌ سرڪار سمورن کاتن ۾ هيٺين گريڊز ڀرتين جو اعلان ڪري ڇڏيو. وڏي وزير سمورن کاتن ۾ هڪ کان چار گريڊ تائين نين ڀرتين جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بعد نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سليڪشن ڪميٽيز ذريعي نيون ڀرتيون ڪرائڻ لاءِ اشتهار جاري ڪرڻ جون به هدايتون ڪندي چيو ويو آهي ته سمورن کاتن ۾ خالي ٿيل جاين تي طئه ٿيل ڪوٽا سوڌو ٻين معيارن تحت ضلعي يونين ڪائونسلز، تعلقه ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسز ۾ ڀرتيون ڪيون وڃن.