سنڌ سرڪار جو ڪارنامو: ڪاڇي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي سروي جي به زحمت نه ڪئي، بنا سروي جي علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو

دادو : سنڌ سرڪار جو ڪارنامو، ڪاڇي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جِي سروَي جِي به زحمت نه ڪئي، بنا سروَي جَي علائقا آفت سٽيل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. رليف کاتي جَي نوٽيفڪيشن ۾ جوهي تعلقي جِي 11 يوسيز جِي 80 ديهن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو. جوهي ٽُو، واهي پانڌي، ٽوڙ، پَٽ گل محمد، ڊِرگهه بالا، ڇِنِي وَن، ڇني ٽُو، شاهه حسن، ڪمال خان، ٿرڙي جادو شهيد وَن ۽ ٽو جا علائقا آفت سٽيل قرار ڏنو ويو.