سنڌ سجاڳي فورم پاران ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

ڪراچي :- سنڌ سُجاڳي فورم پاران لاڙڪاڻي جي آصفہ ڊينٽل ڪاليج ۾ جنسي زيادتي بعد قتل ٿيندڙ سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽر نمرتا مھرچنداڻيءَ سان ڏاڍائي ڪندڙ ۽ سندس قاتلن کي گرفتار ڪرائڻ ۽ نااھل وي سي ۽ نااھل انتظاميا خلاف اڄ 9 نومبر 2019 ڇنڇر جي ڏينھن منجھند 2 وڳي کان رات 8 وڳي تائين فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن جي فائنانس سيڪريٽري سنڌو ساگر، ميڊيا سيڪريٽري زاھد کوسي، ضلعي ڪورنگي جي چيف آرگنائيزر منصور جمالي، يوٿ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي مرڪزي وائيس چيئرمين سرمن مينگل، حمز چانڊيي، وڪيل اڳواڻ خليل انصاري، وڪيل شاھد عباسي، وي ايم پي اڳواڻ سسئي لوھار، جسقم اڳواڻ اشفاق ميمڻ، سيما مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي. تفصيل موجب: ڊاڪٽر نمرتا جي قتل ۽ ساڻس ٿيل جنسي ڏاڍائي خلاف احتجاج ۽ علامتي بک ھڙتال ۾ اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ، ” سنڌ جي تعليمي ادارن اندر گذريل ڏھاڪو سالن کان شاگردياڻين سان جنسي ھراسان وارن واقعن ۽ سندن قتل وارن واقعن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، الميو اھو آھي تہ اھڙن واقعن جي مستقل حل ڪڍڻ ۽ انھن کي روڪڻ بجاءِ انھن نياڻين جي ڪردار ڪشي ڪئي ٿي وڃي ۽ انھن جي قتلن کي خودڪشيءَ جو رنگ ٿو ڏنو وڃي، جيڪو انتھائي مذمت جوڳو آھي. ان ڪري اسان جا ھيٺان مطالبا آھن تہ ھڪ دم چانڊڪا جي وائيس چانسلر کي سندس متنازعہ بيان ڏيڻ ۽ انتظامي نااھلي تي ھٽايو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي ميرٽ جي بنياد تي انتظامي ۽ علمي اھليت رکندڙ وائيس چانسلر مقرر ڪيو وڃي، ان کان علاوہ ھاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ کان جڊيشل انڪوائري ڪرائي قاتلن کي ظاھر ڪري سخت سزا ڏني وڃي، شاگرد يونين بحال ڪري ان جي شفاف چونڊ ڪرائي شاگردن جي نمائندن کي يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ۽ سينيٽ ۾ نمائندگي ڏني وڃي، شاگردياڻين ۽ شاگردن کي يونيورسٽيز جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تحت جوابي ڪاپيون چيڪ ڪرڻ کان پوءِ شاگردياڻين ۽ شاگردن کي واپس ڏنيون وڃن، اسان سمجھون ٿا تہ مٿي بيان ڪيل مطالبن تي عمل ڪيو وڃي تہ سنڌ جي تعليمي ادارن مان اھڙن واقعن جو ھميشہ لاءِ خاتمو آڻي سگھجي ٿو. ان موقعي تي سنڌ جي سياسي سماجي پارٽين جي نمائندن، سول سوسائٽي، ھيومن رائيٽس جي نمائندن، وڪيل برادري ۽ وڏي تعداد ۾ شاگردن شرڪت ڪئي، جن ۾: آزادي جويو، فياض رند، لو چداڻي، نزھت شيرين، سيما شيخ، امير راڄڙ، سنيتا راٺوڙ، شيرين زنئور، جسقم اڳواڻ نور الدين جمالي،ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ، رابيل ابڙو، اسد رضا ڀُٽو، عاقل ڪلھوڙو، مبشر، ساجد، سھيل رضا ڀُٽو، عمار، عمران، الياس عباسي، اسد رڏ، رزاق عاصي، طارق خاصخيلي، افي راج، ارشد ٽالپر، احمد سيلرو، ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا