سنڌ سجاڳي فورم پاران سنڌ جي تاريخدان يوسف شاهين جي ڪتاب شاه عبدالطيف سنڌ جي آزادي تي هفتيوار اسٽڊي سرڪل ڪرايو ويو

سنڌ سُجاڳي فورم پاران ريجھو مل ھائوس، ضياء ڪالوني، ڪورنگي، ڪراچي سنڌ ۾ ھفتيوار اسٽڊي سرڪل سنڌ جي برک تاريخدان ۽ ڏاھي يوسف شاھين جي ڪتاب ”شاھ عبداللطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون عظيم شاعر“ جي آخري باب ”شاھ لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو پھريون عظيم شاعر“ تي ڪيو ويو.
سڀ کان پھرين منصور جمالي، سڪندر اوٺي ۽ محب آدرش مھر اھو باب پڙھي ٻُڌايو، جنھن کان پوءِ سمورن شريڪ ٿيندڙ دوستن ڳالھائيندي چيو تہ، ” شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، فلسفي ۽ فڪر کي سمجھڻ لاءِ اسان کي سڀ کان پھرين شاھ لطيف جي دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي سمجھڻو پوندو، ان کان پوءِ ئي اسان شاھ لطيف جي فڪر کي دُرست انداز ۾ سمجھي سگھنداسين. سنڌ اندر شاھ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي تي ھونءَ تہ تمام گھڻ محققن ۽ ليکڪن لکيو آھي پر انھن مان ڪجھ اھم ليکڪ ھي آھن: سائين جي ايم سيد( پيغام لظيف)، ايڇ ٽي سورلي( ڀٽ جو شاھ)، سائين ابراھيم جويو( شاھ، سڄل ۽ سامي)، تنوير عباسي، رسول بخش پليجو، بدر ابڙو( سنڌ جو شاھ)، تاج جويو( شاھ لطيف جا فڪري سرچشما)، يوسف شاھين، ڊاڪٽر عبدالغفور سومرو، پروفيسر ساجد سومرو( شاھ لطيف ۽ سوشل سائنس)، جن جو لطيف سائين تي ڪيل فڪري، تجزياتي ۽ تحقيقي ڪم انتھائي منفرد ۽ نمايان آھي. بحرحال ھتي اسان محترم يوسف شاھين جي ڪتاب تي ڳالھايون ٿا، يوسف شاھين ھن ڪتاب ۾ لطيف سائين جي شاعري، فڪر ۽ فلسفي کي سمجھائڻ لاءِ اسان کي لطيف سائين جي دور جي سموري دنيا جي سياسي ۽ سماجي حالتن کان واقف ڪري ٿو تہ لطيف سائين جي دور ۾ سموري دنيا تي ڪل ٻارنھن کان پندرھن شھنشاھ حڪمراني ڪري رھيا ھُئا، جيڪي انتھائي ظالم ۽ جابر ھُئا جن جي ملڪن تي قبضي جي حوس ڪروڙين ماڻھن جي قتل جو سبب بڻيو، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جي کنڊن تي صرف ٻن شھنشاھن جي حڪومت ھئي ھڪ اسپين جو ۽ ٻيو پورچوگال جو، جن اتي رھندڙ لکين ريڊ انڊين جو قتل عام ڪري انھن جي ملڪن تي قبضو ڪيو، اھڙي ريت ھيڏانھن برصغير ھند، ايشيا ۽ سينٽرل ايشيا ۾ وري سلطنت عثمانيا، مغل سلطنت ۽ منچورين سلطنت جو راڄ ھو، جن پڻ ھتان جي ملڪن جي رھواسين جو لکن جي تعداد ۾ قتل ڪيو ۽ انھن جي سموري معيشيت کي لُٽيو. رُڳو لطيف جي دور ۾ 10 مغل بادشاھ گُذريا جن مان 6 بيدردي سان قتل ڪيا ويا ۽ 2 کي گرم سريا وجھي انڌو ڪيو ويو، ۽ اھو ڪٽر مذھبي شدت پسند سوچ جي مالڪ اورنگزيب جو دور ھو، ان دور ۾ سنڌ تي مغلن جو قبضو ھو ۽ مقامي طور ميان يار محمد ڪلھوڙو ۽ ان کان پوءِ ان جو پُٽ ميان نورمحمد ڪلھوڙو سنڌ جا حاڪم ھُئا پر ڏن ڀرو مغلن جا ھُئا، مطلب سنڌ ٻٽي عذاب مان گُذري رھي ھُئي، ھڪ طرف مغل شھنشاھيت جي ظلم جي چڪيءَ ھيٺ ۽ ٻيو ڪلھوڙن جي جاگيرداريت طرز واري حڪومت ھيٺ پيسجي رھي ھُئي، ۽ سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي بجاءِ فارسي ھُئي. ان وقت سنڌ اندر سوشلشٽ ۽ گوريلا طرز جي تحريڪ صوفي شاھ عنايت جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ٿئي ٿي، جن جا اھو نعرو ھو تہ ” جو کيڙي سو کائي“ جنھن تي مقامي ذميندار، ڪلھوڙا حڪمران ۽ مغل ڪاوڙجي پيا ۽ انھن ان تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ جنگ ڪئي، جنھن ۾ ھزارين ھاري شھيد ٿي ويا ۽ آخر ۾ شاھ عنايت لانگاھ کي قرآن پاڪ تي ٺاھ ڪرڻ بھاني ڦاھي ڏني وئي، جنھن تي پاڻ ھيءُ فارسيءَ جو شير چيائون تہ،
”سَر در قدم، يار فدا شُد، چہ بجا شُد،
اينِ باگران، بود ادا شُد، چہ بجا شُد. “
مطلب: يار جي قدمن تان قربان ٿيس، سُٺو ٿيو،
اھو ڪُلھي تي وڏو بارُ ھو، ادا ٿيو سُٺو ٿيو.

شاھ لطيف پاڻ ان تحريڪ جو حصو رھيو، ۽ انھن گوريلن سان روپوشيون ڪاٽيون، جنھن بابت سندس 30 ڏينھن جي ڊائري سُر رامڪلي ۾ لکيل آھي، اھا پڙھي سگھجي ٿي، جنھن جو ذڪر بدر ابڙي پنھنجي ڪتاب سنڌ جو شاھ ۾ ڪيو آھي. شاھ لطيف آزادي پسند شاعر ھو، جنھن مغل شھنشاھيت جي ان مقولي ”فارسي گھوڙي چاڙھسي“ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو تہ،
جي تو سکي فارسي، تون گولو توءِ غلام،
اُڃيو تان آب گُھري، بُکيو تان طعامۡ،
جو ٻَڌو ٻن ڳالھئين، سو ڪيئن چاءِ ڄامُ،
عامن سندو عام، خاصن منجھان نہ ٿئي.

لطيف سائين شاھ عنايت جي شھادت تي لکيو تہ،

اڄ نہ اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙھيون مون مارين،
سي جيءَ کي جيارين، سي لاھوتي لڏي ويا.

شاھ لطيف سنڌ ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ظلم ۽ غلامي خلاف بغاوت جو جھنڊو بُلند ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي آھي، ۽ قيد ۽ بند ٽوڙڻ ۽ ديوارن جي ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي آھي. شاھ لطيف مارئيءَ کي سنڌ ۽ سنڌ جي آزادي پسند سورمي جي حيثيت ۾ پيش ڪيو آھي، جڏھن مارئي کي مطلب سنڌ جي آزادي پسند سورمي کي قيد ڪري ان جھڪائڻ لاءِ پھريون حُربو لالچ جو ھلايو وڃي ٿو تہ، لطيف سائين مارئي جي واتان ھيئن ٿو چورائي تہ:

ايءُ نہ مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نہَ ڪُريت،
پَکن جي پريت ماڙين سين نہ مَٽيان.

وري جڏھن لالچ سان مارئي کي نہ ٿا جھڪائي سگھن تہ ان سان ظلم ۽ ڏاڍ جو رستو اختيار ٿو ڪيو وڃي، جنھن لطيف سائين چوي ٿو تہ:

لوڻ لِڱين لائين، چيري چيري چم،
نہ ڪُر اڳ ڪِئو، ايءُ ڪوجھو ڪم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنھوار سين.

مارئي کي جڏھن عمر جھڪائي نہ ٿو سگھي ۽ ان جي وطن ۽ مارن کي گھٽ وڌ ٿو ڳالھائي تہ ان تي لطيف سائين مارئي ٿي چوي ٿو تہ:

جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون ملير ۾، چونڊين موڪ مِھا،
مُنھنجي آھ اھا، ڪڏھن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

شاھ لطيف سنڌ جي آزاديءَ جو سبق ڏي ٿو، پنھنجي وطن ۽ پنھنجي ڪلچر، قدرن، ۽ پنھنجي ٻوليءَ سان محبت ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ ان سان گڏ لطيف سائين ڪوٽن ڪيرائڻ جو سبق پڻ ڏئي ٿو ۽ دشمن سان ويڙھ ڪرڻ جي واٽ بہ ڏَسي ٿو تہ:

سورھيہ مرين سوڀ کي، تہ دل جا وھم وسار،
ھڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار تہ متارو ٿئين.

ان موقعي تي فورم جي ھيٺين عھيديارن، ميمبرن ۽ ھمدرد دوستن شرڪت ڪئي:

1. سارنگ جويو: مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري
2. لطيف ميمڻ: سيڪريٽري جنرل ڪراچي ڊويزن
3. ياسين جُھلڻ: جوائنٽ سيڪريٽري ڪراچي ڊوزن
4. زاھد کوسو: ميڊيا سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن
5. منصور جمالي: چيف آرگنائيزر ضلعو ڪورنگي
6. ريجھو مل: آرگنائيزر ضلعو ڪورنگي
7. سڪندر اوٺو: آرگنائيزر ضلعو ڪورنگي
8. محب آدرش مھر
9. جبل سنڌي
10. پون ڪمار
11. سنجئہ ڪمار
12. مالڪ سولنگي
13. محرم علي
14. سجاد حسين سيٺار
15. سُريش ڪمار
16. عثمان ڀُٽو
17. گورڌن داس
18. دليپ ڪمار ۽ ٻيا